آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جو ٻن ڏينھن وارو دورو مڪمل ڪري روانو

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جو ٻن ڏينھن وارو دورو مڪمل ڪري بيجنگ مان روانو ٿي ويو.

پرڏيھي ميڊيا مطابق پنھنجي دوري دوران آمريڪي صدر چين جي صدر شي جنگ پنگ سميت اھم عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.

وفدن جي سطح تي بہ ڳالھيون ٿيون جن ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا.

ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ مون چيني صدر شي جن پنگ سان ايران جي معاملي تي ڳالھيون ڪيون ۽ اسان ٻئي ان ڳالھ تي متفق آھيون تہ  ايران وٽ جوھري ھٿيار نہ ھئڻ گھرجن ۽ آبناءِ ھرمز کليل رھڻ گھرجي.

آمريڪي صدر جو اھو بہ چوڻ آھي تہ چين سان شاندار تجارتي معاھدا بہ ٿيا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں