آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻن کان ٽن ڏينھن ۾ ايران تي حملو ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ايران تي ٻن کان ٽن ڏينھن ۾ حملو ڪري سگھون ٿا، ان کي ھڪ وڏو جھٽڪو ڏيڻو پوندو: ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ايران وٽ جوھري ھٿيار ھوندا تہ ھو سڀ کان پھريان اسرائيل کي نشانو بڻائيندو، ايران تي ٻن کان ٽن ڏينھن حملو ڪري سگھون، ان کي ھڪ وڏو جھٽڪو ڏيڻو پوندو.

وائٽ ھائوس بال روم جي تعميري سائٽ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي صدر ٽرمپ چيو تہ ايران وٽ ھٿيار اچي ويو تہ سوال بس اھو ھوندو تہ ھو ان کي پھرين منٽ ۾ استعمال ڪندا؟ پھرين ڪلاڪ ۾ يا پھرين ڏينھن؟

آمريڪي صدر چيو تہ جيڪڏھن ايران وٽ جوھري ھٿيار ھوندو تہ ھو سڀ کان پھريان اسرائيل کي نشانو بڻائيندو، ھو اسرائيل کي تباھ ڪرڻ ۾ دير نہ لڳائيندو، ان لاءِ ايران کي جوھري ھٿيار رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي، وقت محدود آھي، ايران کي ھڪ وڏو جھٽڪو ڏيڻو پوندو.

ٽرمپ خبردار ڪيو تہ شايد ايران تي ٻيھر حملو ڪرڻو پئي، ايران تي ٻن کان ٽن ڏينھن، شايد جمعي يا ڇنڇر تي يا پوءِ ايندڙ ھفتي جي شروعات ۾ حملو ڪري سگھون ٿا.

آمريڪي صدر اھو بہ ٻڌايو تہ ھو سومر تي ايران تي حملو ڪرڻ کان صرف ھڪ ڪلاڪ پري ھئا.

ان کان اڳ ٽرمپ جو چوڻ ھو تہ سعودي عرب، قطر، متحدھ عرب امارات ۽ ٻين ملڪن جي درخواست تي ھن ايران تي ٿيندڙ حملو رد ڪري ڇڏيو.

ھوڏانھن ايران تي حملو متليو ڪرڻ بعد آمريڪي صدر ٽرمپ ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت ھيٺ جنگي منصوبن تي اھم اجلاس ٿيو جنھن ۾ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو.

آمريڪي ميڊيا مطابق ٽرمپ وائٽ ھائوس ۾ قومي سلامتي ٽيم سان ھنگامي اجلاس ڪيو، اجلاس ۾ آمريڪي نائب صدر، پرڏيھي وزير، بچاءَ وارو وزير ۽ ٻيا فوجي عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ايران جنگ جي صورتحال بابت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو، مختلف فوجي آپريشنز ۽ سفارتي ڪوششن جو بہ جائزو ورتو ويو.

بعد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر چيو تہ ايران جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي آھي، جنھن کانپوءِ اسان ھيءَ جنگ تيزي سان ختم ڪري ڇڏيندا، ايران کي ڪنھن بہ صورت ۾ ايٽمي ھٿيار رکڻ نہ ڏينداسين، ايران جي نيوي، فضائيھ، فوج ۽ قيادت ختم ڪئي وئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں