آمريڪي صدر ٽرمپ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ٽن ڏينھن جي جنگبندي طئي ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ٽن ڏينھن جي جنگبندي طئي ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ 9، 10 ۽ 11 مئي تي جنگبندي رھندي، ان دوران روس ۽ يوڪرين ٻنھي ملڪن ۾ يوم فتح جون تقريبون ٿينديون.

ٽرم چيو تھ اھو ڏينھن ٻي عالمي جنگ ۾ سوويت يونين جي فتح جي ياد ۾ ملھايو ويندو آھي، جنھن ۾ يوڪرين ۽ روس گڏ ھئا.

آمريڪي صدر ٽرمپ لکيو تھ جنگبندي دوران ٻنھي ملڪن وچ ۾ ھڪ ھڪ ھزار قيدين جي مٽاسٽا بھ ٿيندي.

ٽرمپ مطابق ان جنگبندي جي درخواست ھن ڪئي ھئي جنھن تي روسي صدر پيوٽن ۽ يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي ٻنھي اتفاق ڪيو.

آمريڪي صدر ٽرمپ اميد ظاھر ڪئي تھ ھيءَ جنگبندي ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڊگھي جنگ جي خاتمي جي ابتدا ھوندي. روس يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ ڳالھيون جاري آھن ۽ اسان ڏينھون ڏينھن ان جنگ جي خاتمي جي ويجھو پھچي رھيا آھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں