تھران: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران جي خاتم الانبيا بريگيڊ خبردارڪيو آھي تہ آمريڪي حملي جي صورت ۾ جوابي ڪارروائي لاءِ پوري طرح تيار آھيون.
ايران جي نيوز ايجنسي تسنيم مطابق ايران جي خاتم الانبيا بريگيڊ چيو تہ ٻيھر حملو ڪيو ويو تہ ايراني فوج ٽريگر دٻائڻ جي لاءِ تيار آھي، فوري، فيصلائتي، طاقتور، وسيع پئماني تي جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي.
خاتم الانبيا مرڪزي ھيڊ ڪوارٽر جي ڪمانڊر ميجر جنرل علي آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي خبردار ڪيو آھي تہ ھو ڪنھن بہ نئين اسٽريٽجڪ غلطي يا غلط اندازا نہ لڳائين.
ڪمانڊر چيو تہ ايران جي ھٿياربند فوج ماضي جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مڪمل طور تي تيار آھي ۽ ڪنھن بہ نئين جارحيت جي جواب جي لاءِ آڱريون ٽريگر تي آھن.
ھن ھڪ ڀيرو ٻيھر خبردار ڪيو تہ آئندھ ڪنھن بہ غلطي تي گذريل فوجي جھڙپن کان وڌيڪ طاقتور رد عمل کي منھن ڏيڻو پوندو.