آمريڪا ۽ چين وڏيون طاقتون، حل صرف سفارتڪاري، عالمي استحڪام گڏيل ھدف آھي: صدر شي جنگ پنگ

فہرستِ مضامین

بيجنگ: آمريڪي صدر ٽرمپ چين جي تاريخي دوري دوران چيني صدر سان وفدن جي سطح تي ملاقات لاءِ پيپلز ھال پھتو جتي سندس استقبال ڪيو ويو، گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ آمريڪا کي 250ھين يوم آزادي جي مبارڪباد ڏني وئي.

آمريڪي ۽ چيني صدرن جي ملاقات تي پوري دنيا جون نظرون آھن، ان ملاقات ۾ ايران تڪرار، عالمي تجارتي رڪاوٽن، ٽيرف معاملن سميت ڪيترائي اھڙا معاملا بحث ھيٺ ايندا جن جا اثر پوري دنيا تي پوندا.

چيني صدر شي جنگ پنگ چيو آھي تہ تمام عالمي بحرانن جو حل صرف سفارتڪاري ۽ ڳالھين ۾ آھي، اختلافن جي باوجود ٻنھي ملڪن کي گڏيل احترام ۽ پرامن اصولن تي ھلڻو پوندو.

چيني صدر شي جنگ پنگ چيني ۽ آمريڪي صدرن جي وفدن سان ملاقات جي موقعي تي چيو تہ آمريڪي وفد کي چين ۾ خوش آمديد ڪريون ٿا، چين ۽ آمريڪا ٻہ وڏيون طاقتون آھن، عالمي استحڪام اسان جو گڏيل ھدف آھي.

چيني صدر چيو تہ عالمي امن ۽ معاشي ترقي کي برقرار رکڻ ٻنھي ملڪن جي تاريخي ذميواري آھي، پوري دنيا جون نظرون ھن وقت بيجنگ ۾ ٿيندڙ ڳالھين تي آھن، اختلافن جي باوجود ٻنھي ملڪن کي گڏيل احترام ۽ پرامن اصولن تي ھلڻو پوندو.

شي جنگ پنگ چيو تہ تائيوان جو مسئلو آمريڪا ۽ چين جي تعلقات ۾ سڀ کان اھم مسئلو آھي، تائيوان جي آزادي ۽ امن ٻئي گڏ نٿا ھلي سگھن، تجارتي جنگ ۾ ڪو فاتح ناھي، تائيوان جي مسئلي کي درست طريقي سان نہ سنڀاليو ويو تہ ٻنھي ملڪن ۾ ٽڪراءُ ٿيندو.

چيني صدر ٽرمپ کي چيو تہ دنيا ھن وقت ايران تڪرار ۽ عالمي سپلاءِ چين جي سنگين چيليجز مان گذري رھي آھي، ھن وقت دنيا ۾ اھڙيون تبديليون تيزي سان رونما ٿي رھيون آھن جيڪي ھڪ صدي ۾ نہ ڏٺيون ويون، بين الاقوامي صورتحال مسلسل ھنگامہ خيز آھي، ڇا اسان گڏجي عالمي چئلينجن جو مقابلو ۽ دنيا کي استحڪام فراھم ڪري سگھون ٿا؟ ڇا اسان پنھنجي دنيا ۽ پنھنجي عوام لاءِ ھڪ روشن مستقل تعمير ڪري سگھون ٿا؟ اھي سوال آھن جن جو جواب وڏن ملڪن جي اڳواڻن جي حيثيت سان اسان کي ڏيڻا  آھن.

چيني صدر جو چوڻ ھو تہ منھنجو مڃڻ آھي تہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اختلافن کان وڌيڪ گڏيل مفاد موجود آھن، ٻنھي ملڪن جي  مستحڪم ٻہ طرفن تعلقات پوري دنيا جي لاءِ فائديمند آھن، چين ۽ آمريڪا ٻئي تعاون مان فائدو کڻن سگھن ٿا ۽ ٽڪراءَ سان نقصان ٿيندو، اسان کي ھڪٻئي جو حريف نہ پر شراڪتدار بڻجڻ گھرجي.

شي جن پنگ چيو تہ اسان کي ھڪٻئي کي ڪامياب ۽ خوشحال ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ گھرجي، ٻنھي ملڪن کي ھڪٻئي سان گڏجي ھلڻ جو صحيح رستو تلاش ڪرڻ گھرجي.

ان موقعي تي آمريڪي صدر چيو تہ اڄ صدر شي جنگ پنگ سان ملاقات ڪرڻ اعزاز آھي، ۽ اوھان جو دوست ھئڻ اعزاز جي ڳالھ آھي.

آمريڪي صدر چيو تہ ھو ھن دوري تي دنيا جي بھترين ڪاروباري اڳواڻن کي گڏ وٺي آيو آھي، ڪيترن ئي ماڻھن ھن ملاقات کي ھينئر تائين جي سڀ کان وڏي سمٽ قرار ڏنو آھي، ۽ ھو ھن اجلاس جا منتظر آھن.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ صدر شي جنگ پنگ سان تعلقات ھميشہ کان انتھائي شاندار رھيا آھن، تاريخي سربراھي ملاقات جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي فوڪس گڏيل تجارت تي ھوندو، ٻنھي ملڪن وچ ۾ ايندڙ ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين بھترين ۽ مضبوط تعلقات قائم رھندا.

ٽرمپ چيو تہ اسان جا تعلقات ھميشہ سٺا رھيا آھن، ۽ جڏھن بہ مشڪلاتون آيون اسان گڏجي انھن کي حل ڪيو، مان اوھان کي ڪال ڪندو ھئس ۽ اوھان مون کي ڪال ڪندا ھئا، ماڻھو ڄاڻن ٿا تہ جڏھن بہ اسان کي ڪو مسئلو پيش آيو، اسان جلدي حل ڪري ورتو، مان ھر ھڪ سان اھو چوان ٿو تہ چيني صدر عظيم اڳواڻ آھي.

واضح رھي تہ گذريل ڏينھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جي ٻن ڏينھن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پھتو آھي، آمريڪي صدر جي وفد ۾ اھم شخصيتون شامل آھن، ٽيسلا جو باني ايلون مسڪ، اين ويڊيا جو سي اي او جينسن ھوانگ وفد جو حصو آھن، ايپل جي سي اي او ٽم ڪڪ، بليڪ راڪ سي اي او ليري فنڪ ۽ ٻيا بہ وفد ۾ شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں