آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالھيون ايندڙ ھفتي اسلام آباد ۾ ٻيھر شروع ٿيڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالھيون ايندڙ ھفتي اسلام آباد ۾ ٻيھر شروع ٿيڻ جو امڪان آھي.

آمريڪي اخبار دي وال اسٽريٽ جرنل مطابق آمريڪا ايران ڳالھيون ايندڙ ھفتي اسلام آباد ۾ بحال ٿي سگھن ٿيون.

دي وال اسٽريٽ جرنل معاملي کان واقف ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آھي تھ ٻئي ڌريون ثالثي ڪردار ادا ڪندڙن سان گڏجي ھڪ ھڪ صفحي تي ٻڌل 14 نقاطي مفاھمتي يادداشت (ايم او يو) تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رھيا آھن، جنھن ۾ ھڪ مھيني تي ٻڌل ڳالھين جو فريم ورڪ طئي ڪيو ويندو، جن جو مقصد جنگ جي خاتمي جي راھ ھموار ڪرڻ آھي.

رپورٽ مطابق مسودي ۾ ايران جي جوھري پروگرام، آبناءِ ھرمز ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ ۽ ايران جي انتھائي افزودھ يورينيم ذخيرن کي ڪنھن ٽئين ملڪ منتقل ڪرڻ جھڙن معاملن تي ڳالھيون شامل آھن.

جڏھن تھ خبر ۾ چيو ويو آھي تھ اھم مسئلا اڃا بھ حل طلب آھن.

رپورٽ مطابق پابندين ۾ نرمي جي حد اڃا تائين بحث جو موضوع آھي ۽ اھو ئي نقطو ڳالھين جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگھي ٿو.

آمريڪي اخبار جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن ڳالھين ۾ اڳڀرائي ٿئي ٿي تھ ڌرين جي گڏيل رضامندي سان ابتدائي ھڪ مھيني جي مدي ۾ توسيع بھ ڪري سگھجي ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں