عالمي سطح تي توانائي مارڪيٽن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جتي آمريڪا پاران ايران جي هڪ ڪارگو جهاز تي قبضي جي خبرن کانپوءِ تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون آهن.
ذريعن موجب، خليج عمان ۾ پيش آيل هن واقعي دوران آمريڪي عملدارن ايراني جهاز جي انجڻ روم کي نقصان پهچائي ان کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو. هن عمل کانپوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جي فراهمي بابت خدشا وڌي ويا آهن، جنهن سبب برينٽ ۽ ٻين اهم مارڪيٽن ۾ اگهه مٿي چڙهڻ شروع ٿي ويا آهن.
ٻئي طرف ايران هن عمل کي کليل جارحيت قرار ڏيندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ايراني نائب صدر محمد رضا عارف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته “ڪو به ملڪ اها اميد نه رکي ته ايران جي تيل برآمدات کي محدود ڪري ٻين لاءِ ان کي سستو يا مفت بڻائي سگهجي ٿو.” هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو.
ايراني اختيارين آمريڪي ڪارروائي کي “هٿياربند سامونڊي ڦرلٽ” قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهڙيون ڪارروائيون جاري رهيون ته ايران به جوابي قدم کڻڻ لاءِ مجبور ٿيندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته نه رڳو علائقائي سلامتي، پر عالمي واپار ۽ توانائي فراهمي به سخت متاثر ٿي سگهي ٿي.
تجزئي نگارن مطابق، آبناءِ هرمز ۽ خليج عمان جهڙا اهم سامونڊي رستا اڳ ئي عالمي توانائي جي ترسيل لاءِ انتهائي اهم آهن، ۽ هتي ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ سڌي ريت تيل جي اگهن تي اثرانداز ٿيندي آهي.
موجوده صورتحال عالمي سياست ۾ نئين تڪرارجو اشارو ڏئي رهي آهي، جتي هڪ پاسي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پراڻا تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪري رهيا آهن، ته ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽون به ان جا اثر محسوس ڪري رهيون آهن.