تھران: ايران جي پرڏيھي معاملن واري وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آھي تھ آمريڪا سان ڳالھين جي ٻئي دور ۾ شرڪت جو اڃا تائين ڪو بھ ارادو ناھي.
ايران جي پرڏيھي معاملن واري وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس ۾ چيو تھ ايران آمريڪا تي يقين نٿو ڪري سگھي، اڃا تائين ڳالھين جي ٻئي دور ۾ شرڪت جو ارادو ناھي، ايران پنھنجي مفادن جو تحفظ جاري رکندو.
اسماعيل بقائي چيو تھ آمريڪا ثابت ڪري ڇڏيو تھ اھو سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سنجيدھ ناھي، آمريڪا جارحاڻي ڪارروائي ڪئي، جنگبندي جون خلاف ورزيون ڪيون.
ان کان اڳ ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراھھ ابراھيم عزيزي چيو آھي تھ ايران آمريڪا سان ڳالھيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي جھن تھ غير ضروري مطالبا ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ڪيا ويندا.
قطري ٽي وي سان ڳالھائيندي ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراھھ ابراھيم عزيزي جو چوڻ ھو تھ ايران جي ڳالھين واري حڪمت عملي مڪمل قومي مفادن ۽ سيڪيورٽي تحت ھوندي آھي، ايران قومي مفادن جي بنياد تي ڪم ڪري ٿو.
ابراھيم عزيزي اھو بھ چيو تھ ملڪي مفادن ۽ سلامتي محفوظ بڻائڻ لاءِ ايران کي جيڪو بھ ڪرڻو پوندو اھو ڪندو، ايران آمريڪا سان ڳالھيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي جڏھن تھ موجودھ ڳالھين کي جنگ جي ميدان جو تسلسل سمجھون ٿا.
ھن وڌيڪ چيو تھ ڳالھين جا نتيجا جنگ جي ميدان ۾ حاصل ڪاميابيون قرار رکڻ ۾ مددگار ھجن تھ اھو عمل ايران لاءِ ھڪ موقعو ٿي سگھي ٿو، آمريڪا دٻاءُ وجھڻ واري پاليسي تحت غير ضروري مطالبا ڪندو تھ اھڙيون ڳالھيون قابل قبول نھ ھونديون. ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراھھ جو چوڻ آھي تھ ڳالھين جو اھو مطلب ناھي تھ ڪنھن بھ قيمت تي ڳالھيون ڪيون وڃن، ڳالھين جو اھو مطلب ناھي تھ ٻئي ڌر جي ھر طريقيڪار کي قبول ڪيو وڃي، ايران واضح ريڊ لائنز مقرر ڪري رکيون آھن جو احترام ضروري آھي.
ھن چيو تھ اسلام آباد ڳالھين واري ٽيم موڪلڻ مثبت اشارا ملڻ يا نھ ملڻ تي آھي، اسان ڪڏھن ڳالھين جي اصول کان پاسو ناھي ڪيو، ممڪن آھي اڄ يا سڀاڻي وڌيڪ جائزي بعد ڳالھين جي امڪان تي غور ڪيون، ڳالھين لاءِ ضروري آھي تھ آمريڪي ڳالھين واري ٽيم ايران جي پيغامن جو مثبت اشارو ڏئي.
ھوڏانھن ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آھي تھ تھران آمريڪا سان ڳالھيون جاري رکندو پيو اچي جڏھن تھ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ھر ممڪن قدمن لاءِ تيار بھ آھي.
ڳالھين واري ٽيم جي سربراھھ باقر قاليباف ٽي وي تي نشر ٿيندڙ پنھنجي بيان ۾ چيو تھ ايران کي پنھنجي مخالفن تي اعتماد ناھي ۽ ڪنھن بھ وقت صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي، اسان دشمن تي ڀروسو نٿا ڪريون، جنگ ڪنھن بھ وقت شدت اختيار ڪري سگھي ٿي.
ايراني نيو ايجنسي موجب قاليباف واضح ڪيو تھ ايران ھڪ طرف سفارتي عمل جاري رکندو پيو اچي تھ ٻئي طرف ھر قسم جي ممڪنھ خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ بھ تيار آھي.
ھن چيو تھ موجودھ حالتن ۾ ڳالھيون اھم آھن، پر قومي سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ ضروري انتظام ڪرڻ بھ اڻٽر آھي.