ھڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي صدر اوبامہ چيو تہ ھو ايران مان 97 سيڪڙو افزودھ يورينيم ڪڍرائڻ ۾ ڪامياب رھيو ھو.
اوبامہ چيو تہ ان ڪو شق ناھي تہ اھو سڀ ڪجھ بنا ماڻھن کي قتل ڪرڻ جي ۽ آبناءِ ھرمز کي بند ڪرڻ کانسواءِ ٿي ويو.
اڳوڻي صدر اوبامہ چيو تہ ٽرمپ جي شروع ڪيل ايران جنگ جا ھدف بہ حاصل نہ ٿيا.
واضح رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳوڻي صدر اوبامہ تر شديد تنقيد ڪئي ھئي.
ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي چيو ھو تہ ايران آخرڪار ان وقت وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏھن بارڪ اوبامہ صدر بڻيو، اوبامہ نہ صرف ايران لاءِ نرم موقف رکندو ھو پر ان جي حق ۾ ھليو ويو.
آمريڪي صدر الزام لاڳو ڪيو تہ اوبامہ ايران کي ٻيھر طاقت ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو وڏو موقعو فراھم ڪيو، اوبامہ دور ۾ سوين ارب ڊآلر ۽ 1.7 ارب ڊالر روڪ رقم طيارن ذريعي تھران موڪلي وئي، اھا ايتري وڏي رقم ھئي جو جڏھن اھا اتي پھتي تھ ايراني پاڻ بہ نہ پيا ڄاڻن تہ ان جو ڇا ڪن، ايرانين اھڙي طرح پئسا ڪڏھن نہ ڏٺا ھئا ۽ نہ ئي آئيندھ ڏسندا.
ٽرمپ چيو ھو تہ ايران کي سڀ کان آسان شڪار ملي ويو ھو جيڪو ھڪ ڪمزور ۽ نادان آمريڪي صدر جي صورت ۾ ھو.