آمريڪا جي ايران خلاف جنگ غلطي آھي: برطانوي ناڻي واري وزير

فہرستِ مضامین

لنڊن: برطانوي ناڻي واري وزير ريچل ريوز چيو آھي تہ ايران سان سفارتي ڳالھين جو خاتمو ۽ فوجي ٽڪراءُ جي شروعات آمريڪا جي غلطي آھي.

آمريڪي ٽي وي سان ڳالھائيندي ريچل ريوز چيو تہ ھن وقت بھترين معاشي پاليسي، نہ صرف برطانيہ پر پوري دنيا جي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي آھي.

برطانوي حڪومت جو چوڻ آھي تہ آبنائي ھرمز ۾ آمريڪا طرفان ايران تي اضافي دٻاءُ وجھڻ لاءِ ڪئي ويندڙ فوجي ناڪہ بندي ۾ ڪو ڪردار ادا نہ ڪندي.

جڏھن ھن کان پڇيو ويو تہ ان تڪرار تي آمريڪا ۽ برطانيہ وچ ۾ وڌندڙ اختلاف ٻنھي ملڪن وچ ۾ خصوصي تعلقات کي متاثر ڪيو آھي تہ ريچل ريوز انڪار ڪندي چيو تہ ائين ناھي.

ھن اھو بہ چيو تہ دوستن وچ ۾ اختلاف جي گنجائش ھوندي آھي.

واضح رھي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانيہ کي تجارتي معاھدو ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آھي، ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا برطانوي وزيراعظم ڪيئر سٽارمر جو مذاق بہ اڏائي چڪو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں