آمريڪا جو تجارتي جھاز تي قبضو، ايران اقوام متحدھ ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي

فہرستِ مضامین

تھران: ايران آمريڪا طرفان خليج عمان ۾ جھاز تي قبضو ۽ عملو يرغمال بڻائڻ خلاف اقوام متحدھ ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي.

ايراني پرڏيھي معاملن واري وزارت طرفان چيو ويو آھي تھ آمريڪا طرفان ايراني تجارتي جھاز جو قبضو غير قانوني ۽ وحشياڻو عمل آھي، جھاز تي قبضو بين الاقوامي ۽ جنگبندي معاھدي جي کليل خلاف ورزي آھي.

ايران چيو آھي تھ يو اين سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ عالمي بحري تنظيم فوري مداخلت ڪري، آمريڪي قدم جا انتھائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا.

تھران حڪومت وڌيڪ چيو آھي تھ جھاز ۽ عملي جي فوري آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا، ڪارروائي دوران عملي ۽ سندن گھر ڀاتين کي ڌمڪيون بھ ڏنيون ويون.

ايراني پرڏيھي معاملن واري وزارت طرفان چيو ويو  آھي تھ جھاز تي حملو سامونڊي قذاقي ۽ دھشتگردي آھي، آمريڪا خطي ۾ بگڙيل صورتحال جو مڪمل ذميوار آھي، ايران پنھنجي قومي مفادن ۽ سلامتي لاءِ تمام صلاحيتون ڪتب آڻيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں