2015 ۾ ايران ۽ 6 عالمي طاقتن وچ ۾ جوھري معاھدو طئي ٿيو ھو جنھن تحت ايران يورينيئم افزودگي محود ڪرڻ، ذخيرھ گھٽ ڪرڻ ۽ عالمي نگراني قبول ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ھو، بدلي ۾ ايران تي لاڳو معاشي پابنديون نرم ڪيون ويون ۽ ان کي عالمي معيشت تائين رسائي ملي.
الجزيرھ جي ھڪ خصوصي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ 2015ع جي معاھدي موجب ايران افزودھ يورينيئم کي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو گھٽ ڪري 300 ڪلو گرام تائين محدود ڪيو ۽ افزودگي جي سطح 3.67 سيڪڙو رکي جڏھن تھ سينٽري فيوجز جي تعداد ۾ گھٽ ڪئي.
ان کان علاوھ ايران جي جوھري تنصيبات تي سخت نگراني جو نظام بھ لاڳو ڪيو ويو.
2018ع ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان معاھدي کي “بدترين” قرار ڏئي آمريڪا کي ان کان ڌار ڪري ورتو ۽ ايران تي ٻيھر سخت پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون تھ جيئن نئون معاھدو ڪري سگھجي.
الجزيرھ جو چوڻ آھي تھ 2028ع کان پوءِ صدر ٽرمپ جي نون شرطن ۾ ايران کان مڪمل طور تي روينيئم افزودگي ختم ڪرڻ، بيلسٽڪ ميزائل پروگرام محدود ڪرڻ ۽ وچ اوڀر ۾ ھٿياربند گروھن جي حمايت ختم ڪرڻ جو مطالبو شامل آھي جڏھن تھ ايران انھن مطالبن کي رد ڪندو رھيو آھي ۽ پنھنجي جوھري پروگرام کي پرامن قرار ڏيندو رھيو آھي.
رپورٽ موجب آمريڪي واپسي بعد ايران 2019ع کان معاھدي جون خلاف ورزيون شروع ڪيون ۽ افزودگي جي سطح وڌائي 60 سيڪڙو تائين کڻي ويو، 2025ع تائين ايران وٽ لڳ ڀڳ 440 ڪلو گرام فزودھ يورينيم موجود ھو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آھي تھ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ نئون معاھدو مڪمل طور تي مختلف ھئڻ بدران پراڻي معاھدي جھڙو ئي ٿي سگھي ٿو جڏھن تھ موجودھ حالتن ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ۽ سخت موقف وڏي رڪاوٽ آھي.