واشنگٽن: آمريڪا ايران جي خلاف اقتصادي دٻاءَ وڌائيندي 35 ادارن ۽ شخصيتن کي پابندين جي فھرست ۾ شامل ڪري ورتو آھي.
پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي عملدارن جو چوڻ آھي تھ اھو نيٽ ورڪ ايران جي بئنڪاري نظام ۽ تيل جي تجارت کي سھارو ڏئي رھيو ھو.
آمريڪي ناڻي واري کاتي موجب نامزد ادارا ۽ ماڻھو اربين ڊالر ماليت جي ايراني تيل جي ترسيل ۽ مالي ڏي وٺ ۾ ملوث رھيا جنھن جي ذريعي پابندين کي باءِ پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ناڻي کاتي جي ذيلي اداري او ايف اي سي خبردار ڪيو آھي تھ اھڙا بئنڪ ۽ مالياتي ادارا بھ ڪارروائي جي زد ۾ اچي سگھن ٿا جيڪي انھن ڪمپنين سان ڪاروبار جاري رکي رھيا آھن ۽ جيڪي آبناءِ ھرمز جي رستي ادائيگين جي نظام ۾ شامل آھن.
آمريڪي عملدارن چين جي صوبي شينڊونگ ۾ قائم آئل ريفائنريز جو حوالو ڏيندي چيو تھ اتي موجود ڪيتريون ئي خانگي ڪمپنيون ايراني تيل جي درآمد ۽ ريفائننگ ۾ ڪردار ادا ڪري رھيون آھن.