آمريڪا اقوام متحدھ جي فلسطيني حقن جي ماھر فرانسسڪا البانيز تي لاڳو پابنديون ختم ڪري ڇڏيون

فہرستِ مضامین

آمريڪا فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي اقوم متحدھ جي خصوصي نمائندي فرانسسڪا البانيز تي لاڳو پابنديون ختم ڪري ڇڏيون.

عرب ميڊيا مطابق آمريڪي عملدارن طرفان اھو فيصلو ان وقت سامھون آيو آھي جڏھن ھڪ ھفتو اڳ آمريڪي وفاقي جج پنھنجي رمارڪس ۾ چيو ھو تہ انھن پابندين سان فلسطينين جي اظھار جي آزادي متاثر ٿي رھي آھي.

آمريڪا جي ناڻي واري کاتي پنھنجي ويب سائٽ تي فرانسسڪا البانيز جو نالو پابندين جي فھرستن مان ھٽائڻ جي تصديق ڪئي آھي.

عالت ۾ داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ھو تہ فرانسسڪا تي پابنديون اسرائيل جي غزھ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿارڻ جي سزا طور تي لڳايون ويون.

جج رچرڊ ليون پنھنجي فيصلي ۾ چيو تہ آمريڪي حڪومت اقوام متحدھ جي ماھر جي راءِ ۽ موقف کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏھن تہ سندس سفارشون قانوني طور تي لازمي نہ ھيون.

واضح رھي تہ ٽرمپ انتظاميھ جولاءِ ۾ فرانسسڪا البانيز تي پابنديون لاڳو ڪيون ھيون.

فرانسسڪا تي اسرائيل جي خلاف عالمي فوجداري عدالت ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياھو ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير يو آف گيلنٽ خلاف ڪارروائي جي حمايت ڪرڻ جو الزام لڳايو ھو.

فرانسسڪا البانيز ان کان اڳ چيو ھو تہ پابندين جو مقصد منھنجي مشن کي ڪمزور ڪرڻ آھي.

آمريڪي حڪومت جي پابندين خلاف عدالتي فيصلي کي ڀليڪار ڪندي فرانسسڪا پنھنجي خاندان ۽ حامين جا ٿورا بہ مڃيا آھن.

ياد رھي تہ فرانسسڪا البانيز ھڪ رپورٽ ۾ 48 عالمي ڪمپنين تي غزھ جنگ ۾ اسرائيل جي معاونت جو الزام لاڳو ڪيو ھو جن ۾ وڏيون ٽيڪ ڪمپنيون بہ شامل ھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں