اسلام آباد: ايف بي آر کي اھو اختيار ڏنو ويندو تہ اھو اھڙن سرڪاري ملازمن جي جانچ پڙتال ۽ تحقيقات ڪري سگھي جن جا اثاثا آمدني جي جائز ذريعن کان وڌيڪ ھجن، خاص طور جيڪڏھن ھو مسلسل ٽن سالن تائين اثاثن جا گوشوارھ جمع ڪرائيندا رھن.
سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سينيٽ جي ناڻي ۽ محصولن بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ مصنوعي ذھانت (اي آءِ) تي ٻڌل نگراني جو نظآم سرڪاري آفيسرن جي ملڪيت ۽ اثاثن ۾ غير معمولي اضافي تي “ريڊ فليگ” الرٽس جاري ڪندو.
وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، نبيل اعواڻ پارليامينٽ ميمبرن کي ٻڌايو تہ ڊسمبر 2026 کان گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي تمام سرڪاري آفيسرن جي اثاثن ۽ مالي تفصيلن کي ھڪ ڊجيٽل ڊڪليئريشن سسٽم جي ذريعي عوامي طور تي دستياب ڪيو ويندو، جنھن کي ايف بي آر جي صلاح سان تيار ڪيو پيو وڃي.
تجويز ڪيل نظام تحت سرڪاري آفيسرن کي پنھنجي خاندان جي اثاثن ۽ پرڏيھي دورن جا تفصيل بہ فراھم ڪرڻا ھوندا.
ايف بي آر جي اعليٰ عملدارن سميت چيئرمين ۽ ميمبر ان لينڊ روينيو، کي اختيار ھوندو تہ اي آءِ جي مدد سان ٿيندڙ جانچ پڙتال دوران اثاثن ۾ شڪ يا غير معمولي اضافي جي صورت ۾ تحقيقات شروع ڪري سگھن.