ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي دوري جي لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا کي پاڪستان جي دوري ۾ 3 ون ڊي ميچز جي سيريز کيڏڻي آھي. آسٽريليا بنگلاديش دوري جي لاءِ بھ وائٽ بال ٽيمن جو اعلان ڪيو آھي.
بنگلاديش دوري ۾ آسٽريليا کي 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏڻي آھي.
پاڪستان سان ون ڊي سيريز ۾ ميچل مارش آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪندو.
ان کان علاوھ اليڪس ڪيري، نيٿن ايلس، ڪيمرون گرين، جوش انگلس، ميٿيو ڪھنيمن، مارنوس لبوشين، رائلي ميريڊيٿ اولي پيڪ، ميٿيو رنشا، تنوير سانگھا، ليام اسڪاٽ، ميٿيو شارٽ، بلي اسٽينليڪ ۽ ايڊم زمپا بہ آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شامل آھن.
واضح رھي تہ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي ميچ 30 مئي تي راولپنڊي جڏھن تہ 2 ۽ 4 جون تي لاھور ۾ ٿيندا.