لاھور: آسٽريليا سان ون ڊي سيريز جي لاءِ قومي ٽيم جي چونڊ تي حتمي مشاورت مڪمل ڪئي وئي آھي.
ذريعن موجب بنگلا ديش جي خلاف کيڏي ويندڙ ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو امڪان آھي، بابر اعظم جي آسٽريليا سان ون ڊي اسڪواڊ ۾ شموليت جو امڪان آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ فخر زمان، سفيان مقيم ۽ حنين شاھ جي بہ ٽيم ۾ شموليت جو امڪان آھي.
ذريعن موجب فھيم اشرف ۽ حسين طلعت جو قومي ٽيم ۾ جڳھ برقرار رکڻ مشڪل نظر اچي رھيو آھي، جڏھن تہ محمد رضوان جي حوالي سان ڳالھيون جاري آھن.
واضح رھي تہ آسٽريلوي ٽيم 23 مئي تي اسلام آباد پھچي رھي آھي، پاڪستان ٽيم 22 مئي کان راولپنڊي ۾ ٽريننگ ڪندي، ھڪ پريڪٽس ميچ بہ کيڏندي.
شاھينن ۽ ڪينگروز وچ ۾ ون ڊي سيريز جا ميچز 30 مئي، 2 ۽ 4 جون تي کيڏيا ويندا.