آسٽريليا جي خلاف ون ڊي سيريز ۾ نئين وڪٽ ڪيپرز کي آزمائڻ جو امڪان آھي.
ذريعن مطابق اڳوڻي ڪپتان وڪٽ ڪيپر محمد رضوان کي ڊراپ ڪري سگھجي ٿو.
ڪوچ مائيڪ ھيسن ٽي ٽوئنٽي بعد ون ڊي ٽيم مان محمد رضوان کي ڊراپ ڪرڻ جو خواھشمند آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ ون ڊي سيريز ڪئمپ ۾ مرزا سعد بيگ ۽ عثمان 2 وڪيٽ ڪيپرز آھن.
ذريعن موجب بنگلاديش ۾ ون ڊي سيريز کيڏندڙ غازي غوري کي بہ شامل ڪرڻ جو امڪان آھي.
واضح رھي تہ پاڪستان آسٽريليا جي ون ڊي سيريز 30 مئي کان شروع ٿي رھي آھي.
آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 23 مئي تي اسلام آباد پھچي رھي آھي، ون ڊي سيريز جا ميچز 30 مئي، 2 ۽ 4 جون تي کيڏيا ويندا.
پاڪستان ٽيم 22 مئي کان روالپنڊي ۾ ٽريننگ ڪندي ۽ ھڪ پريڪٽس ميچ بہ کيڏندي.