آبناءِ ھرمز ۾ ڇڪتاڻ: تيل جي قيمت 106 ڊالرز في بيرل کان ٽپي وئي

فہرستِ مضامین

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ آبناءِ ھرمز ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واضح اضافو ٿي ويو آھي.

الجزيرھ جي رپورٽ مطابق تيل جي قيمت جمعي جي صبح وڌي 106.80 ڊالرز في بيرل تائين پھچي وئي جيڪا اربع جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو وڌيڪ آھي، ان کان اڳ قيمت 100 ڊالرز کان بھ مٿي وڃي چڪي ھئي.

عرب ميڊيا جو چوڻ آھي تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ان وقت ٿيو جڏھن ٻنھي ملڪن ھڪٻئي جي تجارتي جھازن کي پڪڙڻ جا قدم کنيا.

واضح رھي تھ آبناءِ ھرمز تان دنيا جو لڳ ڀڳ پنجون حصو تيل ۽ گيس گذري ٿو، اھو رستو ھن وقت شديد متاثر آھي ۽ جھازن جي وچ وڃ لڳ ڀڳ رڪيل آھي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بيان ڏنو آھي تھ ھرمز تان گذرندڙ ھر جھاز کي آمريڪي بحريھ جي اجازت گھربل ھوندي.

ھن اھو بھ چيو تھ ايراني ٻيڙين طرفان بارودي سرنگون وڇائڻ جي صورت ۾ انھن کي تباھھ ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ايران جي پاسدارن انقلاب ٻھ پرڏيھي ڪارگو جھاز قبضي ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آھي جڏھن تھ يونان انھن مان ھڪ جھاز جي قبضي ۾ وٺڻ جي ترديد ڪئي آھي.

الجزيرھ مطابق اربع جي ڏينھن صرف 9 تجارتي جھاز آبناءِ تان گذريا جڏھن ان کان پھريان اھو تعداد روزانو 129 ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں