آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر قسط منظور ڪري ڇڏي، ناڻي واري وزير جي تصديق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (EFF) پروگرام تحت ٽئين جائزي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 1.2 ارب ڊالر جي قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ ناڻي واري وزير موجب اها رقم ايندڙ هفتي پاڪستان کي جاري ڪئي ويندي، جنهن سان ملڪ جي زرِمبادلا ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي۔

واشنگٽن ۾ ٿيل آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ EFF تحت چوٿين قسط ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽينيبل فيسلٽي (RSF) تحت ٻي قسط جي منظوري ڏني وئي۔ ان منظوري تحت پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر EFF ۽ 20 ڪروڙ ڊالر RSF پروگرام تحت ملندا۔

آءِ ايم ايف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪيترن اهم شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن ۾ مالي خساري ۾ گهٽتائي، سخت مالي ۽ زرعي پاليسين ذريعي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا شامل آهن۔

اداري موجب پاڪستان فيبروري 2026 تائين پروگرام جي گهڻين شرطن تي عملدرآمد ڪيو آهي۔ آءِ ايم ايف جي جائزي واري مشن، جنهن جي اڳواڻي آئيوا پيٽرووا ڪئي، فيبروري کان مارچ 2026 تائين پاڪستاني اختيارين سان ڳالهين بعد اسٽاف سطح جو معاهدو طئي ڪيو هو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پڻ آءِ ايم ايف جي شرطن تحت پاليسي ريٽ ۾ 100 بيسس پوائنٽس واڌ ڪندي وياج جي شرح 10.5 سيڪڙو مان وڌائي 11.5 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي، ته جيئن مهانگائي کي قابو ۾ رکيو وڃي۔

رپورٽ موجب وچ اوڀر جنگ کانپوءِ پيدا ٿيل علائقائي ڇڪتاڻ سبب پاڪستان ۾ مهانگائي جو دٻاءُ ٻيهر وڌيو آهي ۽ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس (CPI) ٻه عددي شرح ۾ داخل ٿي ويو آهي۔ عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ اضافي سبب حڪومت کي ان جو بار عوام تي منتقل ڪرڻو پيو۔

ٻئي طرف  ايف بي آر کي هلندڙ مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن دوران ٽيڪس وصولين ۾ 684 ارب رپين جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ نظرثاني ٿيل سالياني هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ايف بي آر کي مئي ۽ جون دوران 3 هزار 718 ارب رپيا گڏ ڪرڻا پوندا۔

اقتصادي ماهرن موجب آءِ ايم ايف جي نئين قسط سان پاڪستان جي فوري مالي دٻاءَ ۾ ڪجهه گهٽتائي ضرور ايندي، پر ملڪ کي ڊگهي مدي وارن معاشي سڌارن، ٽيڪس نظام جي بهتري، توانائي شعبي جي استحڪام ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا۔

حڪومتي ذريعن موجب وڏي پيماني جي صنعتن (LSM) جي بهتر ڪارڪردگي سبب موجوده مالي سال ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں