ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آھي تہ پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول معاھدو مڪمل ڪري ورتو آھي، جلد ان جي ايگزيڪيوٽو بورڊ مان منظوري متوقع آھي جنھن بعد ايندڙ قسط جاري ٿيندي.
ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي نمائندن سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي بھتري ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ واپسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ھن ٻڌايو تہ پاڪستان آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاھدو مڪمل ڪري ورتو آھي جلد ان جي ايگزيڪيوٽو بورڊ مان منظوري متوقع آھي جنھن بعد ايندڙ قسط جاري ٿيندي.
ھن جو چوڻ ھو تہ پاڪستان ھلندڙ مھيني 1.4 ارب ڊالر جو يورو بانڊ ڪاميابي سان ادا ڪيو آھي، ناڻي واري وزير سعودي عرب جي 3 ارب ڊالر جي اضافي مالي معاونت ۽ 5 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي مدي ۾ 2028 تائين واڌ جو بہ ذڪر ڪيو، اضافي مالي معاونت ۽ ڊپازٽ جي مدي ۾ واڌ سان بيروني مالي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
ناڻي واري وزير ملاقات ۾ پاڪستان جي وچولي مدي جي مالي حڪمت عملي تي بہ روشني وڌي ۽ چيو تہ پاڪستان جي بھتر ٿيندڙ معاشي انڊيڪس ۽ سڌارن جي رفتار ملڪ جي ريٽنگ ۾ بھتري لاءِ مضبوط بنياد فراھم ڪن ٿا.