آءِ ايم ايف جي مئنجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان جي معاشي سڌارن تي اطمينان جو اظھار ڪيو آھي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات ڪئي.
ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جار جيوا پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي جي ساراھ ڪئي ۽ چيو تہ اصلاحاتي پروگرام تي موثر عملدرآمد ۽ معيشت ۾ استحڪام آيو آھي.
ايم ڊي آءِ ايم ايف سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو تہ پاڪستان ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو، مضبوط معاشي پاليسين جو تسلسل اڻٽر آھي.
ڪرسٽالينا جار جيوا جو چوڻ ھو تہ سڌارا جاري رکڻ ترقي لاءِ ضروري آھي.