لائیو ڇا ٽرمپ ايران تي ٻيهر حملو ڪندو؟ وائيٽ هائوس ۾ قومي سلامتي ٽيم جو اهم اجلاس

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ڪرڻ جي امڪان تي قومي سلامتي ٽيم سان اهم مشاورت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ ٻيهر جنگ شروع ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا آهن.

آمريڪي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته وائيٽ هائوس ۾ اربع ۽ خميس ڏينهن اعليٰ سطحي اجلاس ٿيا، جن ۾ ايران خلاف امڪاني فوجي ڪاررواين ۽ جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ بابت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.

آمريڪي نشرياتي اداري فاڪس نيوز موجب انهن اجلاسن ۾ ايران خلاف ممڪن فوجي آپريشن بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، پر اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته اجلاس دوران ڪهڙا فيصلا ڪيا ويا يا ڪنهن نئين فوجي آپريشن جي منظوري ڏني وئي آهي.

رپورٽ ۾ 9 نومبر تي وچ اوڀر ۾ نئين چنڊ جو حوالو پڻ ڏنو ويو آهي. ان رات چنڊ جي روشني نه هجڻ يا انتهائي گهٽ هجڻ سبب اونداهي وڌيڪ هوندي، جنهن کي ڪجهه فوجي ڪاررواين لاءِ سازگار ماحول سمجهيو ويندو آهي.

تنهن هوندي به چنڊ جي ان صورتحال کي آمريڪي حملي جي حتمي تاريخ يا فوجي منصوبي جي تصديق نٿو سمجهي سگهجي.

ان کان اڳ خميس ڏينهن اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته واشنگٽن ايران خلاف جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ بابت جلد فيصلو ڪندو.

ٽرمپ جي بيان ۽ قومي سلامتي ٽيم جي اعليٰ سطحي اجلاسن کانپوءِ خطي ۾ ٻيهر فوجي ڇڪتاڻ وڌڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن، جڏهن ته آمريڪي حڪومت طرفان هن وقت تائين ايران تي نئين حملي جو ڪو باضابطه اعلان ناهي ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں