قتل ڪيسن ۾ سزا بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو اهم فيصلو

فہرستِ مضامین

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): قتل جي ڪيسن ۾ سزا مقرر ڪرڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته قتل جي اڳواٽ منصوبابندي جا ٺوس ثبوت موجود نه هجن ته هر قتل کي اڳواٽ طئي ٿيل سازش تحت ٿيل قتل قرار نٿو ڏئي سگهجي. عدالت اهڙي بنياد تي هڪ جوابدار جي عمر قيد جي سزا ختم ڪري، سزا کي اڳ ۾ ڪاٽيل قيد جي مدي تائين محدود ڪري ڇڏيو.

جسٽس محمد امجد رفيق جي سربراهي ۾ فيصلي ۾ چيو ويو ته پنجاب سينٽينسنگ ايڪٽ 2019ع جو اطلاق انهن ڪيسن تي نٿو ٿئي، جن ۾ موت جي سزا مقرر ٿيل هجي.

عدالت پنجاب حڪومت کي قتل جي ڪيسن ۾ سزا مقرر ڪرڻ بابت قانوني سڌارن تي غور ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ۽ چيو ته سزا مقرر ڪرڻ کان اڳ جوابدار کي الڳ ٻڌڻي جو موقعو ڏيڻ لاءِ قانون ۾ گنجائش پيدا ڪئي وڃي.

فيصلي موجب، ٻن گروپن وچ ۾ پراڻي رقابت کي بنياد بڻائي قتل کي اڳواٽ طئي ٿيل منصوبو قرار نٿو ڏئي سگهجي. جوابدار اوچتي جهيڙي دوران هاڪي جو هڪ وار ڪيو، جيڪو مقتول جي مٿي تي لڳڻ سبب جان ليوا ثابت ٿيو.

عدالت قرار ڏنو ته اکين ڏٺن شاهدن جا بيان طبي شاهدين سان مطابقت رکن ٿا، جڏهن ته قتل جي باقاعده سازش يا اڳواٽ منصوبابندي جا ٺوس ثبوت موجود ناهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ جوابدار جي سزا پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 302 (ب) مان تبديل ڪري قلم 302 (سي) تحت ڪري ڇڏي. عدالت سزا کي جوابدار پاران اڳ ۾ ڪاٽيل قيد جي مدت تائين محدود ڪيو.

فيصلي موجب، جوابدار اڳ ئي 12 سال، 11 مهينا ۽ 2 ڏينهن قيد ڪاٽي چڪو آهي.

عدالت مقتول جي وارثن کي 5 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ برقرار رکيو آهي. معاوضو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي.

عدالت جوابدار جي جيل اپيل جزوي طور منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو رڪارڊ واپس موڪلڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں