پاڪستان فلم انڊسٽري جي اڳوڻي اداڪارھ ۽ پروڊيوسر ريما خان انڪشاف ڪيو آھي تھ ھن ماضي ۾ ھڪ ناليواري اداڪار کي چماٽ ھنئي ھئي.
ريما ھڪ ٽي وي پروگرام دوران ڳالھائيندي چيو تھ اھو واقعو فلم “مِس استنبول” جي شوٽنگ دوران پيش آيو.
اداڪارھ جو چوڻ ھو تھ مان ھڪ انٽروورٽ شخصيت جي مالڪ ھئس ۽ ھميشھ پنھنجي ڪم تي ڌيان ڏيندي ھيس، جڏھن تھ نوجواني ۾ جذبات تي ضابطو آڻڻ مشڪل ھوندو آھي.
ھن ٻڌايو تھ ھڪ ساٿي اداڪارھ مون سان بدتميزي ڪئي ۽ ٻھ ڀيرا اعتراض جوڳي ٻولي استعمال ڪئي جنھن تي مان پاڻ تي قابو نھ رکي سگھيس ۽ سڀني جي سامھون ان کي چماٽ ھڻي ڪڍي.
ريما خان ان عمل تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو تھ مون کي اڄ بھ ان واقعي تي افسوس آھي ۽ مون کي گھربو ھو تھ صبر کان ڪم وٺان ھا.
ھن واضح ڪيو تھ فلم انڊسٽري ۾ نمبر ون يا نمبر ٽو اداڪارھ جو بحث اداڪارائن نھ پر صحافين شروع ڪيو ھو.