گهوٽڪي ۾ ٽڪ ٽاڪر سمير راجپوت جو قتل ڪيس داخل، زهر ڏئي مارڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

گهوٽڪي (رپورٽ: فريد ملڪ) گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ ٽڪ ٽاڪر سيمرا راجپوت جَي پراسرار موت ۽ ٻن ڄڻن جي گرفتاري کانپوءِ واقعو ڊرامائي رُخ اختيار ڪري ويو آهي.

شروع ۾ گهر ڀاتين کي اُن جي موت تي خدشا ظاهر ڪرڻ بدران مسجد مان اعلان ڪرايو ته جنازي نماز ڪجهه دير ۾ ٿيندي، آخري رسمون مڪمل ڪيون ويون، جنازي نماز ۾ الزام هيٺ آيل جوابدارن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن بعد  سميرا جو مڙهه قبرستان ۾ تدفين لاءِ نيو ويو، جتي مڙهه قبر ۾ لاهڻ دوران وارثن کي شڪ ٿيو ۽ هنن تدفين روڪرائي.

ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت جي ڀاءُ ۽ ٻين وارثن اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪال ڪري ڊيوٽي آفيسر کي ڪال ڪري واقعي بابت ٻڌايو ۽ اُنهب جَي ذهن ۾ جيڪي خدشا هئا، تن کان پوليس کي آگاهه ڪيو.

پوليس جڏهن رحموالي قبرستان پهتي ته ٽڪ ٽاڪر سميرا جي وارثن، جن ۾ ڀاءُ صدام راجپوت قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ۽ ڀيڻ جَي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

قتل الزام هيٺ آيل جوابدار تدفين لاءِ به آيا هئا

پوليس سميرا جو لاش پنهنجي وين ۾ کڻائڻ اسپتال پهچائڻ بدران وارثن کي پنهنجو بندوست ڪرڻ جو چيو، وارثن لوڊر رڪشا تي ٽڪ ٽاڪر سميرا جو مڙهه سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم شروع ڪيو ويو.

پوليس موجب ٽڪ ٽاڪر جي وارثن جن جوابدارن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو، اُهي جوابدار (علي راجپوت ۽ عمران/عدنان) قبرستان ۾ ئي موجود هئا، جن کي فوري طور حراست ۾ وٺي اي سيڪشن ٿاڻي منتقل ڪيو ويو ۽ شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي وئي.

پوليس موجب  ٽڪ ٽاڪر جي وارثن الزام هنيو آهي ته سميرا کي علي راجپوت ۽ عمران/ عدنان زهريلون گوريون ڏئي قتل ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر به ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪر جو موت گوريون کائڻ سبب جسم ۾ زهر پکڙجڻ سبب ٿيو آهي.

ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت ٻن مڙسن کان طلاق ورتي؟

ڊبليو ٽي اين جي ٽيم جڏهن سميرا راجپوت جي پاڙيسرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته پتو پيو ته سميرا راجپوت پهرين شادي اکين جي نور کان محروم علي حسن سومرو سان ڪئي، جنهن ۾ ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو کين اولاد به ٿيو ۽ اِها شادي گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ سميرا نابين مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي.

علائقي ۾ چئو ٻول آهن ته سميرا راجپوت چاچڙ برادري جي هڪ نوجوان سان شادي ڪئي، جيڪا 9 مهينا هلي ۽ اُتان به ٽڪ ٽاڪر کي طلاق ملي، جنهن بعد هو والدين جي گهر سميت مختلف هنڌن تي اولاد سان گڏ رهندي هئي.

مختلف ميڊيائي ادارا خبرون رپورٽ ڪن ٿا ته سميرا ۽ عمران راجپوت پاڻ ۾ زال مڙس هئا، پر علائقي ۾ چئوٻول آهن ته سميرا علي راجپوت سان ڪڏهن شادي نه ڪئي هئي.

سميرا پهرين مڙس کان ٽن ٻارن جي اولاد بعد طلاق ورتي، پر چاچڙ برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪير هو، ڪٿي جو هو ۽ ڇا ڪندو هو، اِن بابت وارثن تفصيل ڏيڻ کان ئي انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته طلاق پٺيان لِڪل منطق به عجيب قسم جو ٻڌايو پيو وڃي.

علي رضا ۽ عمران امڙ کي بليڪ ميل ڪندا هئا: ڌيءُ

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن کي مختلف ٽي وي چينلز به رپورٽ ڪيو آهي، اُن وڊيو ۾ نظر ايندڙ نينگري جَي بيان مان اِهو واضح ٿي رهيو آهي ته عمران راجپوت سميرا راجپوت جو مڙس نه هو، نينگري پاڻ کي سميرا جي ڌيءُ  طور پيش ڪري رهي آهي، هوءَ علي راجپوت ۽ عمران/عدنان تي سنگين نوعيت جا الزام هڻي رهي آهي.

نينگري چئي رهي آهي ته علي راجپوت امڙ کي بليڪ ميل ڪندو هو ته شادي ڪر ۽ پنهنجي ڌيءُ عمران/عدنان کي وڪرو ڪر يا پرڻائي ڏئي، امڙ کي زهريلون گوريون اِنهن ٻنهي جوابدارن کارايون، جنهن کانپوءِ سندس موت واقع ٿيو.

واقعي جون حقيقتون لڪايون ڇو پيون وڃن؟

ڊبليو ٽي اين جي ٽيم جڏهن سميرا راجپوت جي واقعي تي مختلف ڌرين سان ڳالهايو ته مختلف شيون ۽ تڪراري موقف سامهون آيا، جڏهن ته صدام راجپوت نالي نوجوان جيڪو پاڻ کي سميرا راجپوت جو ڀاءُ ظاهر ڪري ٿو، اُن جي پهرين ئي وڊيو بيان ۾ ڪيترائي سوال اُٿي رهيا آهن.

مقامي صحافين موجب پوليس توڙي سميرا جا وارث مختلف ۽ تڪراري موقف پيش ڪري واقعي کي ڊرامائي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيا آهن، سچ ڇا آهي؟ اِهو ڪير ٻڌائڻ لاءِ به تيار ناهي.

سميرا راجپوت ٽڪ ٽاڪ تي ڇا رکندي هئي؟

ٽڪ ٽاڪ تي (گهوٽڪي 205، سميرا خان) آءِ ڊي بابت چيو پيو وڃي ته اِها سميرا راجپوت جي ذاتي آءِ ڊي هئي، جنهن تي   ٽڪ ٽاڪر جا پنجاهه هزار کان وڌيڪ فالوورز آهن.

سميرا جَي وڊيوز ۾ غير روايتي مواد ناهي، هوءَ ٻين ٽڪ ٽاڪرز جيان سياسي، سماجي ۽ ٻين معاملن تي پاڻ ڳالهائيندي نظر نٿي اچي، هوءَ سنڌي سميت مختلف زبانن جَي گيتن تي لپسنگ ۽ واڪ ڪري وڊيوز ٺاهيندي رهي آهي، ڏهه لک ماڻهن سميرا جي وڊيوز کي پسند ڪيو آهي.https://www.tiktok.com/@ghotki205/video/7487931305569635602?_r=1&_t=ZS-8yJimBMrj85

سميرا راجپوت جي موت کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ تي سندس تصوير لڳائي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن، اهڙيون وڊيوز  مقامي توڙي وڏا ٽڪ ٽاڪرز به شيئر ڪري رهيا هئا ۽ اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.

قتل ڪيس داخل/پوليس جو موقف

گهوٽڪي پوليس ٽڪ ٽاڪر سميرا جَي واقعي جو قتل ڪيس داخل ڪندي ٻن جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

سميرا راجپوت کي گذريل ڏينهن زهر ڏئي قتل ڪرڻ جَي انڪشاف بعد پوليس الزام هيٺ آيل علي رضا راجپوت ۽ عمران کي حراست ۾ ورتو هو.

ايس ايس پي گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي پهچي سميرا راجپوت جي ڀيڻ ۽ نياڻي کان تفصيل ورتا ۽ پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پوليس  ٽڪ ٽاڪر جي ڀيڻ شهلا جي مدعيت تي ۾ قتل ڪيس داخل ڪيو، ايف آءِ آر ۾ 337، 302 ۽ 452 جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

فريادڻ ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سميرا راجپوت کي جوابدار علي رضا ۽ عمران راجپوت زهر  ڏئي قتل ڪيو آهي.

ٻئي پاسي پوليس شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل جوابدارن علي رضا ۽ عمران راجپوت خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ سندن گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں