لاهور(ويب ڊيسڪ): وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز نجي دوري تي لنڊن پهچي وئي آهي، جتي هوءَ ڪجهه ڏينهن ترسندي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي گريجوئيشن تقريب ۾ شرڪت ڪندي.
ذريعن موجب مريم نواز لنڊن ۾ لڳ ڀڳ 2 کان 3 ڏينهن قيام ڪندي. سندس دوري جو بنيادي مقصد ڌيءَ جي گريجوئيشن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي.
مريم نواز دوري دوران گهڻو وقت پنهنجي خاندان سان گڏ گذاريندي، جڏهن ته لنڊن ۾ سندس رهائش ايون فيلڊ واري رهائشگاهه تي هوندي.
ذريعن موجب گريجوئيشن تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ مريم نواز پنهنجي ڌيءَ سان گڏ پاڪستان واپس رواني ٿيندي.
ٻئي طرف اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف گذريل ڏينهن سنگاپور روانو ٿيو هو، جڏهن ته سندس لنڊن اچڻ بابت ڪو پروگرام سامهون نه آيو آهي.