سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڊرامي بازي ڪري رهيون آهن، سنڌ جي وجود ۽ پاڻي کي خطرا آهن: سيد زين شاهه

فہرستِ مضامین

ڪراچي(بيورو رپورٽ): سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد زين شاهه پرڏيهي دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو، ڪراچي ايئرپورٽ تي پارٽي ڪارڪنن پاران سندس استقبال ڪيو ويو. وطن واپسي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت، پاڻي ۽ بلدياتي نظام بابت سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي وجود کي خطرو آهي ۽ هو سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

سيد زين شاهه چيو ته اسيمبلي ۾ جيڪي ڊراما ڪيا پيا وڃن، انهن کي وائکو ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي خطرو آهي. هن چيو ته ٻٽي بلدياتي نظام ۽ پاڻي تي قبضي جي سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڪيترن ئي مهينن کان ڊرامو ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته جڏهن بجيٽ اجلاس ٿيو ته بجيٽ بابت بحث ڪرڻ بدران ٻين معاملن ۽ تضادن تي ڳالهايو ويو، جڏهن ته هاڻي اسيمبلي ۾ جيڪي تقريرون ڪيون ويون ۽ جنهن انداز سان ميمبر سامهون آيا، اهو سڀ ڪجهه هڪ لکيل اسڪرپٽ تحت ٿيل محسوس ٿئي ٿو.

هن چيو ته ڪنهن کي ڪهڙي اداڪاري ڪرڻي هئي، اها اداڪاري ڪئي وئي.

سيد زين شاهه الزام لڳايو ته پيپلزپارٽي قيادت سنڌ جي پاڻي جي معاملن تي مختلف منصوبن جي حوالي سان سوديبازي ڪري آئي آهي.

هن چائناپ تي 4 ڊيمن، جلالپور ڪئنال، چولستان اسڪيم، گريٽر ٿل ڪئنال سميت سنڌو درياهه جي پاڻي بابت منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

سندس دعويٰ هئي ته پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا ۽ سمنڊ تائين به ڏئي چڪي آهي.

سيد زين شاهه چيو ته بلدياتي نظام جي بهاني سان بلديات ۽ آبپاشي جي معاملن کي مرڪز حوالي ڪرڻ سان سنڌ جي مستقبل لاءِ خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته پاڻي اٿارٽي ٺاهڻ جي تجويز پڻ سنڌ جي پاڻي تي قبضي جي سازش آهي، جنهن کي هو رد ڪن ٿا.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه چيو ته سنڌ کي وڏا خطرا درپيش آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي انهن معاملن خلاف جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

هن چيو ته سنڌ جي وجود، جاگرافيائي وحدت، پاڻي ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.

سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته اسيمبلي اندر ٿيندڙ سياسي سرگرمين ۽ مبينا سازشن کي عوام آڏو وائکو ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ جي حقن ۽ وجود جي تحفظ لاءِ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں