ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي نقشي ۽ نون صوبن بابت سياسي بحث تي سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ڪنهن جي سياسي جاگير ناهي، جو جڏهن چاهيو نقشي ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏجي. هن چيو ته صوبن جي قيام جو اختيار ڪنهن هڪ فرد يا سياسي جماعت وٽ ناهي، پر ان لاءِ آئين ۾ طئي ڪيل طريقيڪار تي عمل ضروري آهي.
هڪ بيان ۾ سمعتا افضال ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو پنهنجن مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ انتشار تي ٻڌل بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته مصطفيٰ ڪمال کي آئين جو حوالو ڏيڻ کان اڳ آئين پڙهڻ گهرجي.
هن دعويٰ ڪئي ته آئيني طريقيڪار تحت نئين صوبي جي قيام لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي منظوري ضروري آهي.
سمعتا افضال چيو ته سنڌ ڪا اهڙي تختي ناهي، جنهن تي ڪو به پنهنجي مرضي سان جڏهن چاهي نئون نقشو ٺاهي ڇڏي.
سمعتا افضال چيو ته سنڌ ڪنهن جي سياسي جاگير ناهي، جو جڏهن چاهيو صوبا ٺاهڻ يا نقشي ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو وڃي.
هن واضح ڪيو ته صوبا ٺاهڻ ڪنهن فرد، سياسي جماعت يا ”خيرات ۾ مليل مينڊيٽ“ تي ايندڙ ماڻهن جو اختيار ناهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان الزام لڳايو ته مصطفيٰ ڪمال خلاف لائنز ايريا ڪيس ثابت ٿي چڪو آهي ۽ هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ انتشار تي ٻڌل بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر ايوان اندر هڪ ڳالهه ڪن ٿا، جڏهن ته ايوان کان ٻاهر سندن موقف مختلف هوندو آهي.
سمعتا افضال چيو ته ايم ڪيو ايم کي پهريان پنهنجو مينڊيٽ ثابت ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي جماعت اندر موجود تضاد ختم ڪرڻ گهرجن، ان کانپوءِ ٻين کي سياسي وعظ ڏيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ صوبائي حيثيت بابت ڪنهن به قسم جي تبديلي لاءِ آئيني ۽ قانوني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.