ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي سخت ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن سبب سيڙپڪارن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي.
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 5183 پوائنٽن جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ انڊيڪس گهٽجي 1 لک 62 هزار 7 پوائنٽن تي اچي ويو.
اڄ جي ڪاروبار دوران مارڪيٽ هڪ وقت تي وڌيڪ هيٺ اچي 1 لک 61 هزار 638 پوائنٽن تائين پهتي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ سطح 1 لک 62 هزار 660 پوائنٽ رهي.
واضح رهي ته گذريل هفتي جي آخري ڏينهن تي مارڪيٽ 1 لک 67 هزار 191 پوائنٽن تي بند ٿي هئي، جنهن جي ڀيٽ ۾ اڄ وڏي گهٽتائي سامهون آئي آهي.
ٻاڙائي جا سبب : ماهرن موجب هن اوچتي ٻاڙائي جا اهم سبب عالمي سطح تي ڇڪتاڻ، خاص ڪري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار تيل جي قيمتن ۾ واڌ، سيڙپڪارن ۾ غير يقيني صورتحال کي جنم ڏنو آهي.
عالمي مارڪيٽن ۾ منفي رجحان سبب سيڙپڪار سخت پريشان آهن
مارڪيٽ ۾ اهڙي تيز ٻاڙائي سبب سيڙپڪار محتاط ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شيئرز جي وڪري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن وڌيڪ دٻاءُ وڌايو آهي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ جي ٻاڙائي ظاهر ڪري ٿي ته عالمي سياسي ۽ معاشي حالتون سڌو سنئون مقامي مارڪيٽ تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، ۽ جيڪڏهن صورتحال اهڙي رهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ به اُٿل پُٿل جاري رهي سگهي ٿي۔……