برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ چيو آھي تہ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف ٻيھر جنگ طرف نہ ويندو، ھو سمجھي چڪو آھي تہ کيس ھي جنگ نہ ڪرڻ گھرجي ھا.
دي اڪنامسٽ موجب هر جنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌر جي شڪست ٿيندي آهي ۽ جيڪڏھن ايران ۾ جاري تڪرار جنگبندي تي ختم ٿيو تہ سڀ کان وڏي شڪست آمريڪي صدر ٽرمپ کي ٿيندي۔
رپورٽ موجب، ايران خلاف هن جنگ ٽرمپ جي ان ويزن جي ڪمزوري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت هو آمريڪي طاقت کي هلائڻ چاهيندو هو۔
دي اڪنامسٽ جو چوڻ آهي تہ ٽرمپ هاڻي ٻيهر جنگ جو رخ نہ ڪندو، ڇاڪاڻتہ هو سمجهي چڪو آهي تہ اها جنگ شروع ڪرڻ ئي غلط فيصلو هو۔
رپورٽ موجب ٽرمپ جا ايران کي تباهہ ڪرڻ بابت چڙ ڏياريندڙ بيان هاڻي اهڙا لڳن ٿا، ڄڻ هو پنهنجي شڪست کي مضبوط ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو هجي۔
دي اڪنامسٽ موجب ٽرمپ ڄاڻي ٿو تہ نئين جنگ سان مارڪيٽن ۾ خوف پکڙجي ويندو ۽ سندس “سنھري دور” جي دعويٰ مذاق بڻجي سگهي ٿي، سندس ٽي وڏا مقصد— وچ اوڀر کي وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ، ايراني حڪومت جو خاتمو ۽ ايران کي مستقل طور ايٽمي طاقت ٿيڻ کان روڪڻ—گهڻو ڪري حاصل نہ ٿي سگهيا آهن۔
رپورٽ موجب ايران وٽ بہ پوئتي هٽڻ جا سبب موجود آهن، ان جا اڳواڻ لڳاتار نشانو بڻجي رھيا آهن، جڏھن تہ توانائي ۽ ٽرانسپورٽ نظام جي وڏي تباهي ملڪ هلائڻ ڏکيو بڻائي سگهي ٿي، ايران پابندين جي خاتمي جو خواهشمند بہ آهي۔
دي اڪنامسٽ جو چوڻ آهي تہ ايران کي اهو بہ لڳي ٿو تہ وقت سندس حق ۾ آهي، ڇو تہ آمريڪا ڊگهي عرصي تائين پنهنجي فوج کي جنگ لاءِ تيار نٿو رکي سگهي، ايران وٽ اثرائتي سامونڊي يا ھوائي طاقت محدود آهي ۽ هن پنهنجا ڪيترائي ميزائل ۽ ڊرون وڃائي يا استعمال ڪري ڇڏيا آهن، نوان ٺاهڻ لاءِ ان کي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇو تہ هزارين آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب ان جي معيشت سال پوئتي هلي وئي آهي۔
رپورٽ موجب هي جنگ ايٽمي خطري کي بہ وڌائي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ ايران جي تنصيبات کي نقصان پهتو آهي، پر اعليٰ درجي جو يورينيم اڃا موجود آهي، جيڪو ڪيترائي بم ٺاهڻ لاءِ ڪافي آهي، پابندين جي خاتمي جي خواهش سان گڏ، مستقبل جي حملن کان بچڻ لاءِ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ترغيب بہ وڌي رھي آهي، جيڪا علائقي ۾ ايٽمي ڦهلاءُ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔
دي اڪنامسٽ جو چوڻ آهي تُ آمريڪا اندر بہ اسرائيل بابت راءِ آهستي آهستي ناڪاري ٿي رھي آهي، جيڪا ان جي پوزيشن کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي۔
رپورٽ جي پڄاڻي ۾ چيو ويو آهي تہ هي جنگ ڏيکاري ٿي تہ رڳو طاقت ئي حق نہ هوندي آهي۔ جيتوڻيڪ آمريڪا جي فوجي برتري واضح هئي، ايران محدود وسيلن سان جنگ وڙھي، بغير حڪمت عملي جي طاقت جو استعمال آمريڪا جي اثر کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي۔….