تهران: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس طرفان شيئر ڪيل ايران-آمريڪا ڳالهين بابت گڏيل پڌرنامو ايڪس تي ٻيهر شيئر ڪري ڇڏيو۔
سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ڳالهين کان پوءِ قطر ۽ پاڪستان پاران جاري ڪيل گڏيل پڌرائي تي ردعمل ڏيندي عباس عراقچي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي سان لبنان جنگ جي خاتمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي۔
هن چيو ته ايران جي تيل ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي برآمدن تي لاڳو پابنديون ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه منجمد اثاثا به جاري ڪيا ويا آهن، ۽ پهريون حقيقي امتحان لبنان ۾ “ڊي ڪنفلڪشن سيل” جي قيام جو آهي۔
عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز تي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪئي وئي آهي ۽ ايران جي ترقي ۽ ٻيهر تعمير لاءِ هڪ وڏو منصوبو شروع ڪيو ويندو۔
ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزارت چيو هو ته حتمي معاهدي جي شروعات لاءِ بنياد رکڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ٻئي ڌر جي ذميوارين تي عملدرآمد جي حوالي سان به سٺي اڳڀرائي ٿي آهي۔
واضح رهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ ايران-آمريڪا ڳالهين کان پوءِ قطر ۽ پاڪستان گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو هو۔
پڌرائي موجب ڌرين ڳالهين جي نگراني لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن وارو روڊ ميپ پڻ منظور ڪيو ويو آهي۔