اسلام آباد: ايران جو اعليٰ سطحي ڳالهين وارو وفد پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي ويو آهي، جنهن جي قيادت ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف ڪري رھيو آهي، وفد جي آمد تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪ فوج جي سربراهہ عاصم منیر طرفان استقبال ڪيو ويو.
ايراني وفد جي دوري کي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ايران-آمريڪا لاڳاپن جي پسمنظر ۾ انتهائي اهم سمجهيو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ امڪاني طور ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم سفارتي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، جن ۾ پاڪستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.
اسلام آباد پهچڻ بعد محمد باقر قالیباف ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ايران هميشہ ڳالهين کي ترجيح ڏني آهي ۽ سندن نيت نيڪ آهي، پر آمريڪا تي اعتماد ڪرڻ ڏکيو آهي
هن چيو هڪ سال کان بہ گهٽ عرصي ۾ ٻہ ڀيرا، جڏھن اسان ڳالهين ۾ مصروف هئاسين ۽ نيڪ نيتي جو مظاهرو ڪيو، تڏھن بہ اسان تي حملا ڪيا ويا ۽ ڪيترائي جنگي ڏوھ ڪيا ويا.
قالیباف وڌيڪ چيو تہ ايران ڪنهن بہ دٻاءُ هيٺ اچڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پنهنجي قومي مفادن تي ڪو بہ سودو نہ ڪندو، هن زور ڏنو تہ جيڪڏھن ڳالهين ۾ سنجيدگي ۽ باهمي احترام نہ هوندو تہ ڪنهن بہ معاهدي جو ڪو بہ فائدو نہ ٿيندو.
ذريعن موجب، پاڪستان پاران هنن ڳالهين لاءِ مڪمل سفارتي ۽ سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. پاڪستان ڪوشش ڪري رھيو آهي تہ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏني وڃي ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽايو وڃي.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏھن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هيءَ سفارتي ڪوشش ڪامياب ٿي وڃي ٿي تہ اهو نہ رڳو وچ اوڀر پر سڄي خطي جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ھاڪاري اثر وجهي سگهي ٿو، ٻئي طرف، ناڪامي جي صورت ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي جو بہ خدشو موجود آهي….