وزيراعظم شھباز شریف چيو آهي تہ ايران ۽ آمريڪا جا نمائندا پاڪستان جي دعوت تي ملڪ پهچي ويا آهن، ٻنهي ملڪن جي قيادت اڄ اسلام آباد ۾ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندي ۽ هاڻي خطي ۾ جنگ بدران امن جون ڳالهيون ٿي رھيون آهن۔
قوم سان خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تہ نازڪ صورتحال ۾ پاڪستاني قيادت وڏي اعتماد سان ٻنهي ڌرين کي عارضي جنگبندي تي راضي ڪيو، جتي ڌريون اڳ جنگ ۾ آمهون سامهون هيون، هاڻي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي متفق ٿي ويون آهن۔
وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ عارضي جنگبندي جو اعلان ٿي چڪو آهي، هاڻي ان کان وڌيڪ اهم ۽ ڏکيو مرحلو مستقل ۽ پائيدار جنگ بندي جو آهي، جيڪو ميڪ اينڊ بريڪ جهڙي حيثيت رکي ٿو۔
هن فِيلڊ مارشل سید عاصم منیر ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڈار جو خاص طور ذڪر ڪندي سندن ساراهه ڪئي تہ انهن ڌرين کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔
وزيراعظم چيو تہ فِيلڊ مارشل عاصم منير جنگ جا شعلا وسائڻ ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ تاريخي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔
هن وڌيڪ چيو تہ جيڪڏھن اهي ڳالهيون ڪامياب ٿيون تہ بيگناهہ جانيون بچي وينديون ۽ پاڪستان انهن ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو۔….