پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪا-ايران جنگبندي بابت ٽوئيٽ کان پوءِ پيدا ٿيل تڪرار تي حڪومت وضاحت جاري ڪندي چيو آهي تہ ان حوالي سان ميڊيا ۾ هلندڙ پروپيگنڊا غلط ۽ بي بنياد آهي.
سرڪاري ذريعن موجب، ڪجهه ماڻھن وزيراعظم جي ٽوئيٽ کي غلط نموني پيش ڪيو، جڏھن ته حقيقت اها آهي ته اها رڳو هڪ ٽيڪنيڪل غلطي هئي، جيڪا فوري طور درست ڪئي وئي.
ٽوئيٽ ڪيئن ٿيو؟
هڪ سينيئر سرڪاري آفيسر ٻڌايو تہ وزيراعظم جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ سندن ٽيم سنڀالي ٿي، مختلف موقعن تي ٽيم کي مختلف ڊرافٽ موڪليا ويندا آهن، جن تي الڳ الڳ هدايتون لکيل هونديون آهن.
ڪجهه ڊرافٽ “for the perusal of PM” (وزيراعظم جي جائزي لاءِ) هوندا آهن، جڏهن ته ڪجهھ سڌو سنئون جاري ڪرڻ لاءِ هوندا آهن.
آفيسر موجب، جنهن ٽيم اها ٽوئيٽ جاري ڪئي، ان کان غلطي ٿي وئي، پر هنن کي فوري احساس ٿيو ۽ هڪ منٽ اندر ئي ٽوئيٽ کي درست ڪري ٻيهر جاري ڪيو ويو.
حڪومت جو موقف
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙيون ٽيڪنيڪل غلطيون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿينديون رھن ٿيون ۽ انهن کي فوري طور درست ڪيو ويندو آهي.
سفارتي ڪاميابي جي دعويٰ
سرڪاري آفيسر اهو به چيو تہ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف (فيلڊ مارشل عاصم منير) جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو رستو کليو، هن دعويٰ ڪئي ته انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ايران، آمريڪا، سعودي عرب ۽ چين سميت ٻين ملڪن به پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي.
ايران جو ردعمل
ذريعن موجب، وزيراعظم جي ٽوئيٽ کان پوءِ ايران جي پرڏيهي وزير بہ ھاڪاري پيغام ڏنو ۽ جنگبندي تي رضامندي ظاهر ڪئي.
يادرهي تہ وزيراعظم شهباز شريف جيڪو پهريون ٽوئيٽ ڪيو هو ان ۾ هن لکيو هو ته ايران، آمريڪا ۽ انهن جي اتحادي ملڪن “هر هنڌ جنگبندي” تي اتفاق ڪيو آهي، “لبنان سميت” يعني هن جنگبندي کي ريجن جي سڀني محاذن تي لاڳو ڏيکاريو.