چين جي ٽياڪڙي هيٺ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جاري سفارتي رابطا هڪ ڀيرو ٻيهر اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، پر ماهرن موجب ڪيترائي بنيادي اختلاف اڃا به حل طلب آهن.
واپار بند نه ڪرڻ تي زور
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته خراب حالتن ۾ به سرحدي واپار بند نہ ٿيڻ گهرجي. هنن جو موقف آهي ته “واپار کي سياست کان الڳ رکڻ گهرجي”، ڇو ته سرحد بند ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي معيشت متاثر ٿئي ٿي.
تجزئي نگارن موجب، افغان اختيارين جي خواهش آهي ته پاڪستان سان سڀ واپاري رستا کليل رهن. انهن ۾ طورخم، خرلاچي، غلام خان، انگور اڊا ۽ چمن جهڙا اهم بارڊر پوائنٽ شامل آهن.
جنگ ڊگهي نٿي هلي سگهي
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي ملڪ ڊگهي جنگ برداشت نٿا ڪري سگهن، ٻنهي ملڪن جا پنهنجا پنهنجا موقف آهن، تنهن ڪري موجودہ ڳالهيون ڪيترو وقت هلنديون، ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
سموري صورتحال گهڻو ڪري ٽي ٽي پي (تحريڪ طالبان پاڪستان) تي دارومدار رکي ٿي. جيڪڏهن ٽي ٽي پي حملا جاري رکي ٿي ته حالتون بهتر ٿيڻ مشڪل آهن، پر جيڪڏهن تشدد گهٽجي ٿو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا.
هي پهريون ڀيرو ناهي جو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جي ڪوشش ٿي رھي آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کان پوءِ قطر، ترڪي ۽ سعودي عرب به ٽيڪاڙي جي ڪوشش ڪئي، پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون.
چين پڻ اڳ ۾ ڪوششون ڪري چڪو آهي، پر اهي ڳالهيون ڪجهه ڏينهن هلڻ بعد بغير نتيجي ختم ٿي ويون.
بنيادي اختلاف ڇا آهن؟
تجزئي نگار افتخار فردوس ۽ طاهر خان موجب، ڳالهين جي ناڪامي جو وڏو سبب ٻنهي ڌرين جا مختلف مطالبا آهن، پاڪستان جو موقف آهي تہ افغان طالبان لکت ۾ ضمانت ڏين ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي.
پاڪستان اهو به چاهي ٿو تہ طالبان حڪومت پاڪستان مخالف ٽولن کي گرفتار ڪري، هٿيار ڦٽو ڪرائي ۽ پاڪستان حوالي ڪري.
ٻئي طرف افغان طالبان جو موقف مختلف آهي، انهن جو چوڻ آهي تہ پاڪستان کي پاڻ پنهنجي علائقن جهڙوڪ پشاور، ڊي آءِ خان، بنون ۽ لڪي مروت جي سيڪيورٽي سنڀالڻي گهرجي.
صحافي افتخار فردوس موجب، افغان طالبان گڏيل بارڊر نظام ٺاهڻ کي ڊيورنڊ لائين کي سرڪاري سرحد طور تسليم ڪرڻ سان ڳنڍين ٿا، جنهن کي هو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
ان کانسواءِ، ڪجهه تجزئي نگارن جو چوڻ آهي تغہ افغان طالبان نظرياتي طور تي پاڪستاني طالبان کي تحفظ ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهن ٿا، جيڪو به هڪ وڏو تڪراري نڪتو آهي.
چين جي ٽياڪڙي نئين اميد؟
طاهر خان جو چوڻ آهي ته چين جي شهر اُورمچي ۾ ٿيندڙ ڳالهيون اڳين ڪوششن کان ڪجهه مختلف آهن، ۽ انهن کي امن قائم ڪرڻ جي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي طور ڏٺو پيو وڃي.ماهرن موجب، جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن ۾ ڪجهه نرمي نظر اچي رهي آهي، پر ٽي ٽي پي، سرحدي تڪرار ۽ اعتماد جي کوٽ جهڙا مسئلا حل ٿيڻ تائين پائيدار امن قائم ٿيڻ ڏکيو لڳي ٿو.