ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ اسان جي جنگ نه هئي: برطانوي وزيراعظم

فہرستِ مضامین

برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي تہ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ اسان جي جنگ نه هئي.

سعودي عرب پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي برطانوي وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگ بندي ٿي وئي آهي، پر اڃا گهڻو ڪم باقي آهي.

هن چيو ته جنگ بندي کي مستقل ۽ ڊگهي عرصي لاءِ قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اسان سڀ امن جو ماحول ڏسڻ چاهيون ٿا، ۽ ان لاءِ اڃا ڪوشش جاري رکڻي پوندي.

ڪيئر اسٽارمر چيو ته هي جنگ اسان جي جنگ نه هئي، منهنجو ڪم برطانيہ جي حفاظت ڪرڻ هو. سندس چوڻ ھو تہ  آبنائي هرمز جو کليل رھڻ تمام اهم آهي، ان لاءِ ڪيترن ملڪن کي گڏ ڪري رھيا آهيون. هاڻي سعودي عرب ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان ڳالهين جو سلسلو جاري ھندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں