لائیو پنجاب ۾ بچت پاليسي قدم لاڳو، مالز رات 8 ۽ ريسٽورنٽس 10 وڳي بند ٿيندا

فہرستِ مضامین

لاھور: وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي هدايت تي پنجاب ۾ بچت پاليسي قدم لاڳو ڪيا ويا آهن۔

نوٽيفڪيشن موجب لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا۔

ان کانسواءِ شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ٿيندا، جڏھن تہ سرڪاري گاڏين جي فيول ڪوٽا ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي تہ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سرڪاري گڏجاڻيون آن لائين پليٽ فارمن تي ڪرڻ جي همٿ افزائي ڪئي ويندي۔

سرڪاري آفيسرن جي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي گاڏين کي محدود ڪيو ويو آهي، سرڪاري دعوتن ڊنر تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏھن تہ پرڏيهي وفدن کي ڇوٽ حاصل ھوندي ۔

وڌيڪ چيو ويو آهي تہ ھفتي ۾ ڪم جا ڏينھن چئن ڏينھن تائين محدود ڪيا ويا آھن ۔

ٻئي پاسي واپارين جو چوڻ آهي تہ ماڻهو صبح سوير خريداري لاءِ نٿا اچن، ڪاروباري حالتون اڳ ئي خراب آهن، اهڙيون پابنديون نہ لڳايون وڃن۔

لاھور چيمبر آف ڪامرس انڊسٽري جي صدر چيو آهي تہ ھو مارڪيٽن کي جلدي کولڻ ۽ رات 8 وڳي بند ڪرڻ واري فيصلي جي حمايت ڪن ٿا ۽ واپاري برادري کي حڪومتي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويندو۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں