لائیو جسٽس منيب اختر پاڪستان جي قائم مقام چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

فہرستِ مضامین

جسٽس منيب اختر پاڪستان جي قائم مقام چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو۔

حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ ٿي۔

حلف برداري جي تقريب ۾ جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس منيب اختر کي قائم مقام چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻايو۔

تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي معزز ججن سميت ٻين اعليٰ عدالتي عملدارن شرڪت ڪئي۔

جسٽس منيب اختر، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي ٻاهرين ملڪ موجودگي دوران قائم مقام چيف جسٽس جا فرض سرانجام ڏيندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں