لائیو حج 2027ع لاءِ حج پانڌيئڙن جي آن لائن رجسٽريشن اڄ کان شروع

فہرستِ مضامین

حج 2027ع لاءِ حج پانڌيئڙن جي آن لائن رجسٽريشن جو اڄ کان باقاعده آغاز ٿي ويو آهي۔

ان حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج پانڌيئڙا وزارت جي سرڪاري ويب سائيٽ تي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا، ۽ شروعاتي مرحلي لاءِ في الحال پاسپورٽ لازمي ناهي۔

ترجمان موجب حج بڪنگ واري مرحلي ۾ پاسپورٽ لازمي هوندو، جنهن جو مدو 16 نومبر 2027ع تائين هئڻ گهرجي. صرف رجسٽرڊ ماڻهو ئي حج 2027ع جي بڪنگ جا اهل هوندا۔

هن چيو ته حج بڪنگ “پهرين اچو، پهرين وٺو” جي بنياد تي مقرر ڪوٽا پوري ٿيڻ تائين جاري رهندي، جڏهن ته حج پيڪيج جا حتمي خرچ ۽ شرطون حج پاليسي 2027ع ۾ الڳ سان جاري ڪيا ويندا۔

مذهبي معاملن واري وزير چيو آهي ته حج رجسٽريشن جي ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي۔

ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي مذھبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته قومي آءِ ٽي بورڊ جي سهڪار سان حج نظام کي مڪمل طور تي ڊجيٽل بڻايو ويو آهي۔

هن چيو آهي ته پرڏيھ ۾ رهندڙ پاڪستاني به ڪنهن به ملڪ مان حج رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا، ۽ حج رجسٽريشن جي ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي۔

سردار محمد يوسف موجب سرڪاري ۽ خانگي حج اسڪيم ٻنهي لاءِ رجسٽريشن لازمي آهي، ۽ رجسٽريشن کان سواءِ حج 2027ع لاءِ درخواست جمع نه ڪرائي سگهبي۔

مذهبي معاملن واري وزير چيو آهي ته پاسپورٽ جو مدو گهٽ ۾ گهٽ 26 نومبر 2027ع تائين لاڳو هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته هڪ خاندان جا فرد گڏيل طور تي به رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا۔

هن وڌيڪ چيو ته حج پانڌيئڙا گهر ويٺي آن لائن به حج رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا، ۽ رجسٽريشن کان پوءِ ئي سرڪاري يا خانگي حج اسڪيم جي چونڊ ممڪن ٿيندي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں