لائیو آمريڪا جي ريني گڊ مين جنھن جي سيٽي ڪيئي اميگرينٽس کي بچايو

فہرستِ مضامین

تحرير: فرحان ڪاغذي

​انسان ذات جي تاريخ اهڙن عظيم ڪردارن سان ڀري پئي آهي، جن پنهنجي ماڻهن ۽ اعليٰ مقصدن خاطر هر قسم جون قربانيون ڏنيون آهن. اڄوڪي پرآشوب دور ۾، جتي جنگ، جدل ۽ نفرت جي باهه سبب انسان جو انسان تان ويساهه کڄندو پيو وڃي، اتي ڪجهه اهڙا واقعا به سامهون اچن ٿا جيڪي انسانيت جي چڱائيءَ تي اسان جي يقين کي ٻيهر پختو ڪن ٿا.

​آمريڪا جي صدر ٽرمپ جي اميگريشن بابت ظالمانه پاليسين کان اڄ سڄو جڳ واقف آهي،  جڏهن هن پنهنجي نقاب پوش وفاقي اميگريشن ايجنٽن کي مينياپولس موڪليو ته جيئن اتي رهندڙ مهاجرن (Immigrants) ۾ ڏهڪاءُ پکيڙيو وڃي، ته ان وقت اتان جي مقامي ماڻهن هڪ شاندار ۽ تاريخي جدوجهد جو آغاز ڪيو. انهن شهرين سوشل ميڊيا تي گروپس ٺاهي انهن ايجنٽن جي حرڪتن ۽ اچ وڃ تي نظر رکڻ شروع ڪئي ته جيئن مظلومن کي بچائي سگهجي.

​انهن بهادر ماڻهن ۾ ريني نيڪول گوڊ (Renee Nicole Good) شامل هئي. ريني آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ پيدا ٿيل هڪ 37 سالن جي يو ايس سٽيزن هئي، جيڪا تازو ئي مينيسوٽا منتقل ٿي هئي. هوءَ ٽن ٻارن جي شفيق ماءُ هئي ۽ پيشي جي لحاظ کان هڪ سماجي ڪارڪن هئي. ريني پنهنجي پارٽنر سان گڏ ميدانِ عمل ۾ موجود هئي ۽ سيٽيون وڄائي ماڻهن کي وفاقي ايجنٽن جي موجودگي بابت آگاهي ڏئي رهي هئي ته جيئن ڪو بي گناهه انهن جي ور چڙهي نه وڃي. انهيءَ جدوجهد دوران هڪ وفاقي ايجنٽ هن کي روڊ تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

​ريني گوڊ جي هن بي رحماڻي قتل کانپوءِ شهر ۾ احتجاج جي هڪ لهر اڀري پئي، جنهن ۾ ايليڪس پريٽي (Alex Pretty) پڻ شامل ٿي ويو. ايليڪس، جيڪو پڻ 37 سالن جو هو، فطرت سان پيار ڪندڙ (Lover of outdoors) ۽ مائونٽين بائيڪنگ جو شوقين نوجوان هو. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ نرس هو ۽ مقامي ويٽرنس اسپتال (Veterans Hospital) ۾ ملڪ جي فوجين جي خدمت ڪندو هو. جڏهن هن ريني گوڊ جي قتل ۽ انساني حقن جي لتاڙ کي ڏٺو، ته هن خاموش رهڻ بدران هڪ عظيم مقصد لاءِ مزاحمت جو رستو چونڊيو. ايليڪس پڻ ان جدوجهد دوران پنهنجي جان جي قرباني ڏئي انسانيت جو جهنڊو بلند ڪيو.

​انهن ٻنهي جي قتل کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي هڪ شديد لهر اڀري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت سخت دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي. سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ گوڙ سبب انتظاميه کي نه صرف اميگريشن ايجنٽن کي فوري طور مينياپولس مان واپس گهرائڻو پيو، پر انهن عظيم قربانين صدر کي پنهنجي سخت اميگريشن پاليسين تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيو. اهي ڪردار ثابت ڪن ٿا ته جڏهن عوامي جدوجهد ۽ قرباني شامل هجي، ته وڏي کان وڏي طاقت کي به حق آڏو جهڪڻو پوي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں