لائیو شھري ھڪ ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪيتري ٽيڪس ڏين ٿا: تفصيل سامھون اچي ويا

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ھڪ ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي پاڪستاني عوام پاران ڏني ويندڙ ٽيڪس جا تفصيل سامھون اچي ويا آھن.

توانائي کاتي جي دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 46 سيڪڙو ٽيڪس ۽ منافعو شامل آهي، هڪ ليٽر پيٽرول تي شهري 211 رپيا 26 پيسا رڳو ٽيڪس ادا ڪن ٿا، جڏھن تہ پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 247 رپيا 15 پئسا آهي۔

دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آحي تہ ھڪ ليٽر ڊيزل تي شھري 59 رپيا 12 پئسا ٽيڪس ادا ڪن ٿا، ڊيزل جي ايڪس رفائنري رقم 461 رپيا 23 پئسا آھي.

توانائي کاتي جي دستاويزن موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 24 رپيا 12 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 7 رپيا 52 پئسا ان لينڊ فريٽ مارجن بہ شامل آھي، ھڪ ليٽر پيٽرول آئل تي مارڪيٽنگ ڪمپني جو 7 رپيا 87 پئسا نفعو شامل آھي.

دستوايزن موجب في ليٽر پيٽرول قيمت ۾ 8 رپيا 64 پئسا پمپ ڊيلرز جي ڪميشن بہ آھي.

ھڪ ليٽر پيٽرول قيمت ۾ 160 رپيا 16 پئسا جي ليوي لاڳو آھي، في ليٽر پيٽرول قيمت ۾ 2 رپيا 52 پئسا ڪلائمينٽ سپورٽ ليوي بہ شامل آھي.

هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 11.36 سيڪڙو ٽيڪس ۽ منافعو شامل آهي ۽ هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 59 رپيا 12 پيسا ٽيڪس ۽ منافعي جي صورت ۾ شامل آھي۔

ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 461 رپيا 23 پيسا في ليٽر آهي، هڪ ليٽر ڊيزل تي 35 رپيا 74 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو آهي، جڏھن تہ هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 37 پيسا ان لينڊ فريٽ مارجن شامل آهي۔

في ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 87 پيسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو منافعو شامل آهي۔

ان کانسواءِ، هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 64 پيسا پيٽرول پمپ ڊيلرن جي ڪميشن ۽ 2 رپيا 50 پيسا ڪلائيميٽ سپورٽ ليِوي پڻ لاڳو آهي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں