ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سفارتڪاري لاءِ وڌايل مهلت باوجود اسرائيل جوھري تنصيبات، پاور پلانٽن ۽ اسٽيل صنعتن کي نشانو بڻايو آهي۔
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي جاري بيان ۾ عباس عراقچي چيو تہ اسرائيل ايران جي ٻن اسٽيل فيڪٽرين، هڪ پاور پلانٽ ۽ هڪ جوھري تنصيب تي حملا ڪيا آهن۔
هن وڌيڪ چيو تہ اسرائيل اها ڪارروائي آمريڪا سان گڏجي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪا ٽرمپ جي سفارتڪاري لاءِ ڏنل مهلت جي ابتڙ آهي۔
ايراني پرڏيهي وزير چيو تہ اسرائيل کي ان حملن جي قميت ادا ڪرڻ لاءِ تيار رھڻو پوندو
پرڏيھي ميڊيا موجب اسرائيلي حملي ۾ مبارڪہ اسٽيل ڪمپني کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ان جون برقي تنصيبات ۽ اسٽيل ٺاهڻ وارو ورڪشاپ متاثر ٿيو، جڏھن تہ حملي ۾ هڪ شهري شهيد ۽ ٻہ زخمي ٿيا۔
پرڏيھي ميڊيا موجب اسرائيل پاران هڪ ٻي حملي ۾ خوزستان اسٽيل ڪمپني جي اسٽوريج شيڊ کي بہ نشانو بڻايو ويو۔
ايران جي صوبي اصفهان جي گورنر مهدي جمالي نجاد ٻڌايو تہ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ صوبي اصفهان ۾ 25 مزدور شهيد ٿيا۔
گورنر اصفهان موجب صوبي ۾ ٻن پاور پلانٽن ۽ هڪ پيداواري ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو ويو، جن جي پيداواري صلاحيت 914 ۽ 250 ميگاواٽ هئي ۽ حملن ۾ اهي مڪمل طور تباهہ ٿي ويا۔……