آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ غيرمعمولي دعويٰ ڪندي چيو آھي تہ ايراني قيادت غيررسمي طور تي کيس ملڪ جو ايندڙ سپريم ليڊر بڻائڻ جي آڇ ڪئي پر ھن اھا رد ڪري ڇڏي.
ريپبلڪن فنڊ ريزر کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ ايران سان جاري مبينا ڳالھين جي دعويٰ کي دھرايو، پر ايران اڳ ئي اھڙي قسم جي ڳالھين جي سختي سان ترديد ڪري چڪو آھي.
تقريب کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو تہ ايران جي قيادت کيس سپريم ليڊر بڻائڻ جي خواھش ظاھر ڪئي، پر مان انڪار ڪيو.
ھن چيو تہ ڪنھن بہ ملڪ جو سربراھ بڻجڻ کان وڌيڪ ايران جو سربراھ بڻجڻ ناپسند ڪيان ٿو، ھن چيو تہ اوھان کي ايندڙ سپريم ليڊر بڻائڻ چاھيون ٿا، پر مان انڪار ڪيو،تہ مونکي اھو عھدو نہ کپي.
ياد رھي تہ گذريل مھيني آيت اللھ خامنہ جي شھادت بعد سندس پٽ مجتبيٰ خامنہ اي کي سپريم ليڊر مقرر ڪيو ويو آھي،جنگ شروع ٿيڻ بعد ھو عوامي سطح تي منظر تي ناھي آيو، جڏھن تہ ڪيترين ئي خبرن ۾ سندس زخمي ٿيڻ جا اطلاع بہ سامھون آيا آھن.
ان موقعي تي ٽرمپ وچ اوڀر ۾ آمريڪي ڪاميابين جي دعويٰ کي بہ دھرائيندي چيو تہ پردي پٺيان ڳالھيون جاري آھن ۽ ايران جنگبندي جو خواھشمند آھي، پر پنھنجي عوام جي خوف سبب کلي ڪري نٿو ڳالھائي.
هن چيو تہ اسان تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رھيا آهيون، اهڙي جيڪا اڳ ڪڏھن بہ نہ ڏٺي وئي آهي، ايران هن وقت ڳالهيون ڪري رھيو آهي ۽ ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ چاهي ٿو، پر کين پنهنجي ئي ماڻهن کان بہ خطرو آهي ۽ اسان کان بہ خطرو محسوس ڪري رھيو آهن۔…..