لاهور: امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ محمد نعيم الرحمان چيو آهي ته معاشي بار عوام تي وجهڻ بدران اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ ڪيل واڌ واپس ورتي وڃي۔
نجي ٽي وي موجب هن ايران جنگ جي سلسلي ۾ وزيراعظم جي بچت مهم جو بار عوام تي وجهڻ بدران اشرافيه کان مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو۔
اشرافيه جي مفت بجلي ۽ مفت پيٽرول
حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت پگهاردار طبقي کان ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ فڪسڊ چارجز به لڳايا پيا وڃن۔ هن چيو ته غريب عوام کي وڌيڪ دٻائڻ بدران اشرافيه جي مفت بجلي ۽ مفت پيٽرول جهڙيون سڀ سهولتون ختم ڪيون وڃن۔
مريم جو 11 ارب رپين جو جهاز
هن وڌيڪ چيو ته حڪمران پنهنجون عياشيون ختم نٿا ڪن ۽ سڄو بار عوام تي وجهي رهيا آهن۔ پنجاب حڪومت طرفان 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪرڻ تي تنقيد ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي وزيراعليٰ پنجاب جي جهاز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي 9 ڪروڙ رپين واري گاڏي خلاف احتجاج ڪندي۔ هن مطالبو ڪيو ته هي جهاز ۽ گاڏي وڪڻي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي۔
امير جماعت اسلامي وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو فائدو پيٽروليم ڪمپنين کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سڀني سياسي جماعتن آءِ پي پيز مافيا کي مضبوط بڻايو آهي۔ هن مطالبو ڪيو ته معاهدن جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين آءِ پي پيز کي ادائيگيون روڪيون وڃن۔
هن پنهنجي مطالبن ۾ چيو ته سرڪاري گاڏيون 1300 سي سي کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجن، سڀني جاگيردارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ جنگي حالتن ۾ آءِ ايم ايف کي ادائيگيون عارضي طور روڪيون وڃن۔