اسلام آباد: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آپريشن غضب للحق تي فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي .
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ پاڪ فوج افغان طالبان جي بناجواز حملي جي ردعمل ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪئي ۽ پاڪ فوج خطي ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي طاقت ثابت ڪري ڇڏي آھي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ ڀارت جي پراڪسي بڻجي افغانستان جي حڪومت پوري خطي ۾عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ بند ڪري، ڪابل رجيم جي غلط حڪمت عملي پاڪستان کي جوابي ڪارروائي تي مجبور ڪيو
ھن چيو تہ پاڪستان تڪرار جو خواھشمند ناھي، پر جيڪڏھن للڪاريو ويو آھي تہ دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻو ٿا
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ اوڀر کان اولھ تائين پاڪ فوج ملڪ جي انچ انچ جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آھي….