اسلام آباد: سينيٽ ۾ افغان جارحيت جي خلاف ٺھراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آھي.
پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان افغان جارحيت خلاف ٺھراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، پيش ڪيل ٺھراءٌ جي متن موجب پاڪستان تي افغان طالبان طرفان حملو ڪيو ويو .
ٺھراءُ ۾ چيو ويو تہ ايوان افغان جارحيت جي مذمت ڪري ٿو، ھي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آھي، ڪو پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندو تہ ان کي سخت جواب ملندو.
ٺھراءُ ۾ چيو ويو آھي تہ پاڪستان 40 سالن تائين لکين افغانين کي پناھ ڏني، پر افغانستان ھر وقت مخالف قدم کڻندو رھيو، افغان رجيم فوري جنگبندي ڪري، عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺي.
شيري رحمان پاران پيش ڪيل ٺھراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي…….