وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو تہ افغان طالبان حملو ڪري ڀيانڪ غلطي ڪئي آھي ۽ کين سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا۔
گھرو وزير افغان طالبان پاران شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو تہ بزدل دشمن رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪيو ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي۔
گھرو وزير افغان طالبان جي جارحيت کي برداشت نہ ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو تہ افغان طالبان جي جارحيت تي پاڪ فوج منھن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ قوم ھٿياربند فوجن سان ڪلھو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي۔…….