پاڪ-افغان سرحد تي افغان طالبان رجيم جي بناجواز ڪاررواين خلاف پاڪستان جو آپريشن غضب للحق جاري آھي، پاڪ فوج جي حملن ۾ 133 افغان طالبان مارجي ويا آھن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن، افغانستان جون 27 چوڪيون مڪمل طور تباھ ڪيون ويون
افغان طالبان پاڪ-افغان سرحد جي مختلف هنڌن تي فائرنگ ڪئي، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جواب ۾ ناوگئي سيڪٽر باجوڙ، تيراہ خيبر ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪئي، جڏھن تہ چترال سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي چيڪ پوسٽ کي تباھ ڪيو ويو.
سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي 3 افغاني بٽالين ۽ سيڪٽر هيڊڪوارٽر مڪمل طور تباه ڪري ڇڏيا ۽ هٿيارن جي ذخيرن کي بہ ساڙي راک ڪري ڇڏيو، اثرائتي جوابي ڪارروائي ۾ 80 کان وڌيڪ ٽينڪس، توپخانا ۽ بڪتربند گاڏيون تباهہ ٿي ويون، جڏھن تہ وطن جي دفاع دوران پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ 3زخمي ٿيا آھن.
پاڪ-افغان سرحد تي مهمند جي گرسال سيڪٽر ۾ پاڪ فوج طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جتي سيڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽون تباهہ ڪري ڇڏيون، پاڪ-افغان سرحد تي ولي خان سيڪٽر ۾ بہ پاڪ فوج افغان پوسٽ کي مسمار ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ هن وقت تائين پاڪ فوج جي ڪاررواين ۾ 133 افغان طالبان مارجي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن۔
سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز باجوڙ ۾ افغان طالبان جون 2 چوڪيون تباهہ ڪيون ۽ پڪتيڪا صوبي جي هڪ پوسٽ تي بہ قبضو ڪري ورتو، پاڪ فوج جي ڪارروائي کانپوءِ افغان طالبان پوسٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ڀڄي ويا، جڏھن تہ پاڪ فوج پڪتيڪا ۾ افغان طالبان جا اهم فوجي تنصيبات ۽ ڪور هيڊڪوارٽرز بہ تباهہ ڪري ڇڏيا۔
سيڪيورٽي فورسز ڪرم سيڪٽر جي ويجهو بہ افغان طالبان جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهہ ڪري ڇڏيا، جتي 8 طالبان ويڙھاڪ مارجي ويا، جڏھن تہ انگوراڊہ ۾ بہ هڪ افغان پوسٽ کي تباهہ ڪيو ويو۔
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي تہ افغان طالبان ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پر فورسز بروقت ڪارروائي ڪري سڀئي ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي ڇڏيا، ڊرونز ذريعي بہ چونڊي چونڊي طالبان رجيم جي پوسٽن کي نشانو بڻايو ويو۔…..