جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم شين، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي تي حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ھن چيو تہ حڪومتي پاليسين سبب مھانگائي ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي، عالمي مارڪيٽ مطابق پيٽرول جي قيمت 271 رپيا ٺھي ٿي پر حڪومت 117 رپيا ليوي ۽ ٻيا ٽيڪسز لڳائي عوام کي 401 رپيا في ليٽر پيٽرول وڪرو ڪري رھي آھي.
ھن چيو تہ گذريل ٽن سالن ۾ بجلي تي لاڳو ٽيڪسز جي مد ۾ 19 کرب رپيا وصول ڪيا ويا جڏھن تہ عوام کي رليف ڏيڻ بدران بجلي ۽ گيس تي فڪس چارجز بہ لاڳو ڪيا ويا آھن.
حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آھي تہ ڀارت ۽ بنگلا ديش ۾ قيمتون نہ وڌيون، سوال اھو آھي تہ جنگ جا اثر صرف پاڪستان تي ئي ڇو پئجي رھيا آھن؟
ھن اعلان ڪندي چيو تہ جماعت اسلامي 15 مئي تي اسلام آباد ۾ مھانگائي جي خلاف وڏو احتجاج ڪندي جڏھن تہ ھڙتال ۽ ڦيٿا جام ڪرڻ جو آپشن بہ موجود آھي.
جماعت اسلامي جي امير اھو بہ چيو تہ حڪومت 100 مان صرف 15 آءِ پي پيز سان معاھدن تي ڳالھيون ڪيون آھن جڏھن تہ باقي آءِ پي پيز جا معاھدا ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي.
ھن اھو بہ چيو تہ حڪومت پنھنجي ڪرپشن لاءِ آءِ پي پيز معاھدن ۾ واڌ ڪندي.